ڪراچي ۾ بس ٽي عورتن کي چيڀاٽجي ماري ڇڏيو، مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ڇڏي، ڊرائيور گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ تيز رفتار بس جو ٽڪر لڳڻ سبب ٽي عورتون چيڀاٽجي فوت ٿي ويون ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لياقت آباد ۾ تيز رفتار بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد بس اسٽينڊ تي بيٺل مسافرن مٿان ڇڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي عورتون چيڀاٽجي فوت ٿي ويون.  حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخميٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي کانپوءِ مڇرين ماڻهن بس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽  ڊرائيور کي سوگهو ڪري مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *