مرزا هائوس تي آپريشن واري صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا چيو آهي ته سندس مڙس ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف داخل ڪيل سمورا ڪوڙا ڪيس واپس ورتا وڃن،نه ته سڄي بدين جو عوام گرفتاري ڏيندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ذوالفقار مرزا  خلاف انتقامي ڪاررواين تي لهي آئي آهي، فهميدا مرزا وڌيڪ چيو ته سندن ڪٽنب بدين جي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ بدين جو عوام ساڻن  گڏ آهي مون کي اها به اميد آهي ته اسانجي ڪيل جاکوڙ ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي. ذوالفقار مرزا جي حفاظت بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي هن چيو ته بدين ۾ غير سياسي پوليس وارا موڪليا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته بدين ۾ اهڙن نمائندن کي موڪليو پيو وڃي جيڪي هڪ خاص سياسي پارٽي جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي جنهن جا اثررڳو سنڌ تائين محدود نه رهندا. جمهوريت لاءِ ڪيل قربانين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هاڻوڪي صورتحال جمهوريت لاءِ ڪو سٺو سوئنڻ ناهي.سندس گهر آڏو بيٺل پوليس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کانپوءِ به  پوليس جي گاڏين جي موجودگي سندن سياسي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *