اداڪار رام ڪپور ٻيهر سني ليون سان فلم ۾ ڪم ڪندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رام ڪپور هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاره سني ليون سان فلم ۾ ڪم ڪندو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪار رام ڪپور جيڪو اداڪاره سني ليون سان فلم ”ڪچهه ڪچهه لو چاهي“ ۾ اداڪار ڪري چڪو آهي. نئين فلم جنهن جو نالو اڃا ناهي رکيو ويو ۾ پڻ اداڪاره سني ليون سان گڏ نظر ايندو. رام ڪپور جو ان حوالي سان چوڻ هو ته سني ليون هڪ محنتي ۽ پيشور اداڪاره آهي. هن سان ڪم ڪرڻ جو تجربو خوشگوار رهيو آهي ۽ هو خوش آهي ته کيس هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاره سني ليون سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. اها فلم گذريل فلم وانگر ڪاميڊي نه پر ايڪشن فلم هوندي. فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *