ڪراچي ۾ ايندڙ مهيني کان نيون مسافر بسون هلائڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه شهرين لاءِ سٺي خبر ٻڌائيندي ايندڙ مهيني کان نيون مسافر بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي هن چيو ته شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو هر صورت حل ٿيڻ گهرجي جڏهن ته روڊن جو ڄار به بهتر ٿي رهيو آهي اها ڳالهه هن سومر تي وزيراعليٰ هائوس ۾ انٽراسٽي ۽ انٽرسٽي بس منصوبي تحت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي اجلاس ۾ مير هزارخان بجاراڻي سيد ناصر شاهه چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سعيد اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ انٽراسٽي ۽ انٽر سٽي بس منصوبي تي غور ڪيو ويو وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انٽراسٽي منصوبي لاءِ سنڌ مضاربا لميٽيڊ کي ڏنا هئا جنهن جي ذريعي هو سبسڊي ڏيئي سگهي ٿو شهر ۾ ترانسپورٽ جو مسئلو هر صورت ۾ حل ٿيڻ گهرجي هاڻي ته روڊن جو ڄار بهتر ٿي رهيو آهي سيد ناصر حسين شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سبسڊي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ مضاربا لميٽيڊ وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي پاليسي تحت صرف مقامي گاڏين کي سبسڊي ملي سگهي ٿي ۽ منصوبي تحت بسن کي هلائڻلاءِ ٽرانسپورٽ کاتي ۽ حڪومت جو 15 سيڪڙو حصو آهي جڏهن ته 70 سيڪڙو قرض تي ميسر آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊائيو ڪمپني 288 بسون پنج روٽن تي هلائڻ لاءِ اڇ ڪئي آهي جنهن ۾ قيوم آباد کان قصبا ڪالوني بلديه کان قائدآباد، شاهه فيصل ڪالوني کان فشريز لانڍي کان سرجاني ۽ لانڍي کان بلديه تائين شامل آهن ٽرانسپورٽ جي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي ڊائيو کي 32 بسون شاهراه فيصل تي هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي وڏي وزير منصوبي لاءِ وڌيڪ ساڍا 25 ڪروڙ رپيا منظور ڪندي ٽرانسپورٽ واري وزير کي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۾ شاهراه فيصل تي بسون هلندي ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ 30 ڏينهن ۾ شاهراه فيصل تي نيون بسون هلڻ گهرجن جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته بسون هلڻ شروع ٿي وڃن سيد ناصر شاهه پڪ ڏياري ته هي بسون 15 فيبروري کان هلڻ شروع ڪنديون ٽرانسپورٽ واري وزير اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته انٽرسٽِي بسن لاءِ ڊائيو آڇ ڪئي آهي ۽ نون روڊن تي 134 بسون هلايون وينديون انهن روٽن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ڪراچي سکر، ڪراچي ميرپورخاص، ڪراچي لاڙڪاڻو، ڪراچي بينظيرآباد ڪراچي ملتان، ڪراچي ڊيرا غازي خان، ڪراچي ڪوئيٽا ۽ سکر ڪوئيٽا شامل آهن. اجلاس ۾ بي آر ٽي ايس عبدالستار ايڌي لائين اورنج لائين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هي راهداري منصوبو 3.88 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن تي 6 بسون هلنديون اورنج لائين منصوبي جو پئڪيج هڪ، ٽي ايم او اورنگي ٽائون کان وٺي باچاخان فلائي اوور آهي جنهن تي ڪم ٿي رهيو آهي هن منصوبي جي لاڳت 643.35 آهي ۽ 42 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي جڏهن ته بيو پئڪيج باچاخان فلائي اوور کان وٺي جناح يونيورسٽي فار وومين تائين آهي جيڪو 2.50 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ان تي 496.768 ملين لاڳت ايندي منصوبي تي 25 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *