جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون، ايندر حڪومتون به ترقي جي تسلسل کي برقرار رکنديون: وزير اعظم

گوادر (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گوادر پورٽ ۽ فري زون جي تعمير سان بلوچستان سان گڏوگڏ پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي پوندو سي پيڪ منصوبو سڄي خطي لاءِ گيم چينجر آهي فري زون کان سواءِ ڪابه بندرگاهه فائديمند ثابت نٿي ٿي سگهي گوادر پورٽ، گوادر فري زون، ايڪسپريس ويز، موٽر ويز ۽ ريلوي جي ترقي جي منصوبا گوادر، خنجراب ۽ پشاور کي ڪراچي سان ملائيندا بلوچستان جو مستقبل بلوچستان جي سياسي قيادت جي هٿ ۾ آهي بلوچستان جي قيادت آڏو پيش ايندڙ چئلينجز و حل پاڻ ڪڍڻو پوندو وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندي گوادر کي جديد شهر بنائڻ ۾ رنڊڪون ته پيش اينديون ان سلسلي ۾ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ بلوچستان حڪومت کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو برابر پاٽنرشپ تي ٻڌل پئڪيج سان گڏوگڏ هڪ ٻيو پئڪيج ڏنو ويندو جنهن ۾ نصف فنڊنگ وفاقي ۽ نصف صوبائي حڪومت فراهم ڪندي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ترقياتي منصوبن کي سياسي تبديلي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون يقين آهي ته ايندر حڪومتون به ترقي جي تسلسل کي برقرار رکنديون سومر تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بٽڻ دٻائي انٽرنيشنل گوادر ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو آهي تقريب ۾ بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي وفاقي وزير جعفر اقبال، سڌسماءَ جي وزير مريم اورنگزيب پرڏيهي شخصيتون سفارتڪار ۽ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪريت شخصيتن شرڪت ڪئي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي نمائش ۾ پرڏيهي شخصيتون پرڏيهي سفير ۽ سڄي دنيا مان تاجر نمائندا شريڪ ٿيا فري زون کان سينٽرل ايشيا سميت دنيا جي مختلف هصن تائين واپار کي هٿي ڏني ويندي ذريعي مطابق هي نمائش سيڙپڪاري، روزگار جي موقعا وڌائڻ ۽ تجارتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ پرڏيهي ڪاروباري شخصيتون سيڙپڪارن ۽ سرڪاري عملدارن کي ملاقات جو هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي جنهن سان هن وڏي منصوبي جي ثمرن مان فائدو ورتو ويندو. نمائش جو اهتمام گوادر جي ترقياتي ادارا ۽ چين جي بيروني ملڪ بندرگاهن بابت معاملن جي انتظامي ڪمپني گڏيل طور تي ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ ته پهرين ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي نمائش ۽ فري زون جو افتتاح ڪندي کيس گهڻي خوشي ٿي رهي آهي اڄ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي ويزن کي حقيقت جي شڪل ڏيڻ جو ڏينهن آهي پاڪستاني ۽ چيني قيادت جو ويزن اڄ هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي اسان جي لاءِ اها خوشي جي ڳالهه آهي جو سي پيڪ چيني قيادت جي هڪ خطي هڪ شاهراه جو سڀ کان وڏو عملي منصوبو آهي جيڪو حقيقت جو روپ اختيار ڪري چڪو آهي هي صدر شي جن پنگ جو موجوده ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهم تحفو آهي وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري مالياتي موزونيت ۽ ماحولياتي پائيداريت جي اصولن تي ٻڌل ۽ مون کي اميد آهي ته انهيءَ اصول تي عمل ڪري نه صرف پاڪستان پر خطي جون ضرورتون پوريون ٿي سگهنديون. وزيراعظم گوادر پورٽ ۽ فري زون جي تعمير ۾ چيني حڪومت چيني ڪمپني گوادر پورٽ اٿارٽي ۽ بين لاڳاپيل ادارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن نه صرف بلوچستان پر پاڪستان به ترقي جي شاهراه تي هلي پوندو پاڪستان مسلم ليگ (ن) ترقياتي منصوبن کي سياسي تبديلين جي عمل کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. تقريب کي احسن اقبال، عبدالقدوس بزنجو، مير حاصل خان بزنجو ۽ چيني سفير ياهوجنگ پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *