سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ جون چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون جن لاءِ اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري ڪري ڇڏيو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي شيڊول مطابق رٽرننگ آفيسر 3 فيبروري 2018 تي پبلڪ نوٽيس جاري ڪندو جنهن جي ذريعي اميدوارن کي نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ وٺڻ ۽ جمع ڪرائڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو نامزدگي فارم 4 فيبروري کان 6 فيبروري واسطيدار رٽرننگ آفيسرن جي آفيس ۾ آفيس جي وقت ۾ جمع ڪرائي سگهبا نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال 9 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي اميدوارن جي لسٽ 15 فيبروي تائين جاري ڪئي ويندي جڏهن ته نامزدگي فارم 16 فيبروري تائين واپس وٺي سگهبا سينٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ 2018 تي ٿيندي اليڪسن ڪميشن مطابق سنڌ ۽ پنجاب مان 12،12 سينيٽر، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان 11،11 سينيٽر چونڊيا ويندا اسلام آباد مان هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي جڏهن ته سنڌ  ۽ پنجاب ۾ 7 جرنل، 2 ٽيڪنوڪريٽس، 2 عورتون ۽ هڪ اقليتي ميمبر جي چونڊ ٿيندي اليڪشن ڪميشن مطابق فاٽا مان چئن سيٽن تي چونڊ ٿيندي ۽ چار ئي جرنل سيٽون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *