ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي، ڊرائيور مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي متحده اڳواڻ رشيد گوڊيل جي جسم مان 4 گوليون ڪڍي کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، فائرنگ ۾ سندس ڊرائيور مارجي ويو آهي. ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم ايم اين اي رشيد گوڊيل سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڊرائيور عبدالمتين مارجي ويو. فائرنگ بعد رشيد گوڊيل کي لياقت نيشنل اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرس آپريشن ڪري ڄاڙي، ڇاتي ۽ جسم جي ٻين حصن مان گوليون ڪڍي ورتيون، جنهن بعد کيس آءِ سي يو منتقل ڪري ونٽيليٽر تي رکيو ويو. ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته رشيد گوڊيل جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته گولي لڳڻ سبب رشيد گوڊيل جي هڪ ڦڦڙ ۽ هڪ گڙدي کي نقصان پهتو آهي، شگر جو مريض هئڻ ڪري سندس حالت ۾ نازڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *