اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تاريخ پاڻ طئي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو) ســُپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت درخواستون اُڪلائيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم تاريخون وٺڻ نه پر صوبن کي حڪم ڏنو آهي ان ڪري اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ تاريخ پاڻ طئي ڪري. چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير بابت 2 درخواستون پيش ڪيون. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل هڪ سئو 40 اَي تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. هن چيو ته آئينيادارو چئي رهيو آهي ته اهو پنهنجون ذميواريون ادا نه ٿو ڪري سگهي ۽ ٻئي اداري کي چئي رهيو آهي ته آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري نه ٿو ڪري سگهي ته ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته هـُو مڪاني چونڊن لاءِ آئين تحت ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر عدالت واضح ڪري ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گذريل 6 سالن کان مڪاني ادارا موجود ئي ناهن. جسٽس دوست محمد خان رمارڪس ڏنا ته قانون تحت مڪاني چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ ضروري آهن. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ حڪومتن مڪاني چونڊن کانسواءِ پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ هاڻي به حڪومتون اڌ عرصو گذاري چڪيون آهن پر چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. جسٽس دوست محمد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم تاريخون وٺڻ نه پر صوبن کي تاريخن تي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ آهي. عدالت، اليڪشن ڪميشن جون ٻئي درخواستون اڪلائيندي حڪم ڏنو ته مڪاني چونڊن جي تاريخن بابت اليڪشن ڪميشن پاڻ فيصلو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *