سازش تحت امن امان جي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي: قائم علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پکڙيل بدامني جي لهر تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سازش تحت امن امان جي صورتحال خراب ڪئي پئي وڃي.وزير اعليٰ هائوس ڪراچي مان جاري ڪيل ۾ بيان ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته دهشتگردن پاران حساس اداري جي آفيسر ساجد احمدکي قتل کانپوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي قاتلاڻو حملو سوچيل سمجهيل سازش آهي.هن چيو ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪندڙن جو پير کوڙي مقابلو ڪيو ويندو، سازشون ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو..وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر کي هدايت ڪئي ته ساجد احمد ۽ رشيد گوڊيل تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *