ڪراچي ۾ امن لاءِ پوليس کي غير سياسي ٿيڻو پوندو: آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪندي چيو آهي ته بهتر نتيجن لاءِ پوليس کي با اختيار ڪري غير سياسي بڻايو وڃي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪيو پيو وڃي، پوليس کي بااختيار ڪري ان کي غير سياسي بڻايو وڃي. آرمي چيف چيوته ڪراچي ۾ مقرريون ۽ بدليون سياسي مداخلت تي نه ٿيڻ گهرجن ۽ اهي مقرريون ايپيڪس ڪميٽي ذريعي ڪيون وڃن. آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي معيشت ۾ ڪراچي جو وڏو حصو آهي، ڪراچي ۾ امن جو مطلب ملڪ جي خوشحالي آهي. جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته سياسي وابستگي کان مٿاهون ٿي بنا فرق ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ سياسي ڌريون ڪردار ادا ڪن، رينجرز جي آپريشن سان ديرپا امن لاءِ اميد پيدا ٿيندي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل راحيل شريف رينجرز هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ڪراچي آپريشن دوارن هٿ ڪيل جديد هٿيارن جو معائنو ڪرايو ويو. وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي فوجي اختيارين کين شهر ۾ ٿيندڙ انٽيليجنس ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڊي جِي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم سليم باجوه موجب وزيراعظم نواز شريف فائيو ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو جتي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به موجود هئا. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وزيراعظم کي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ شهر ۾ ٿيندڙ انٽيليجنس ڪارروائين تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *