دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ ۾ ناڪامي جي گنجائش ناهي: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان نواز شريف، دهشتگردي خلاف جنگ هر صورت ۾ کٽڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته ملڪي بقا لاءِ جاري ويڙهه ۾ ناڪامي جِي ڪا به گنجائش ناهي، بلديا فيڪٽري سانحي ۾ شهيد ٿيلن جَي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جــِي آءِ ايس ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ بي، آءِ جــِي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به اجلاس ۾ موجود هو. اجلاس دوران سڪيورٽي عملدارن امن امان بابت قدمن ۽ ان ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي  وزيراعظم ميان نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سياسي ۽ فوجي قيادتون هڪ پيج تي آهن. هـُن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل قومي ايڪشن پلان ڪنهن هڪ پارٽي جو نه پر سڄي قوم جو آهي. نواز شريف چيو ته دهشتگردي وڏو چئلينج آهي پر ان باوجود هن جنگ ۾ ناڪامي جي هاڻ ڪا به گنجائش نه آهي. وزيراعظم بلديا سانحي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته فيڪٽري سانحو انتهائي سنگين آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت کيس تفصيلي بريفنگ ڏئي. ميان نواز شريف پڇاڻو ڪيو ته بلديا سانحي بابت چالان دير سا ڇو پيش ٿيو، پراسيڪيوشن وارا ڇا ڪري رهيا آهن؟ وزيراعظم چيو ته سانحي جي متاثرن کي انصاف فراهم ڪري ذميوارن کي انجام تي پهچايو ويندو. اجلاس کانپوءِ سنڌ سرڪار پاران بلديا سانحي سميت دهشتگردي جا 64 ڪيس وزيراعظم کي فراهم ڪري بريفنگ ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *