آصف زرداري جي وزيراعظم سان نويڪلائي ۾ ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم ميان محمد نوازشريف سان سومر تي گورنر هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي نهايت باخبر ذريعن مطابق ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي جملي سيڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال نيشنل ايڪشن پلان سينيٽ جون چونڊون سنڌ خاص ڪري ڪراچي آپريشن ۽ بين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان ۾ ورتل  اپائن تي پارٽي جي تحفظات کان آگاهه ڪيو وزيراعظم آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ جون ٻه وڏيون سياسي جماعتون پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي مووميٽ وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿيڻ خوش آئيند عمل آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا اتهاد سان سنڌ جا مسئلا حل ٿيندا ۽ صوبو ترقي ڪندو وزيراعظم سنڌ جي ترقي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ وفاقي حڪومت خاص ڪردار ادا ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪمران جماعت ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ملڪ کي چئلينجز مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون ان لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي پارٽين ۾ ورڪنگ رليشن شپ وڌائي وڃي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پيپلزپارٽي پاران مختلف اشوز تي پيش ڪيل تحفظات دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ کي آڏو ايندڙ چئلينجز مان ڪڍڻ ملڪ ۾ جمهوري عمل مضبوط ڪر۽ ٻين عوامي اشوز تي هلڻ لاءِ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ڪيا ويندا ملاقات ۾ ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت پاران تعاون نه ڪرڻ تي به وزيراعظم آصف علي زرداري سان شڪايت ڪئي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سينيت چونڊن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *