ڪراچي ۾ اختيارن جي معاملي تي قانون واري وزير جو آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪراچي ۾ اختيارن جي معاملي تي قانون واري وزير جو آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي حڪومت هر قسم جي لاقانونيت ڪري رهي آهي حڪمران هاڻي ڪراچي اندر به ڌاڙو هڻڻ لڳا آهن خميس تي هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن يچو ته احتساب عدالت اندر اڄ به ڪوئي جواز پيش نه ٿي سگهيو 55 شاهد خاقان عباسي کي جڏهن ته مفتيٰ اسماعيل کي گرفتار ڪئي 37 ڏينهن ٿي ويا آهن هن چيو ته عمران الحق هڪ پروفيشنل آهي جڏهن ته جيترا ماڻهو لائق آهن اهي هاڻي جيل ۾ يا نيب جي تحويل ۾ آهن هن چيو ته 55 ڏينهن کان پوءِ به نيب ريفرنس داخل نه ڪري سگهيو هن چيو ته شاهد خاقان عباسي سستي ايل اين جي ٽرمينل لڳايو انهيءَ ڪري کيس سزا ملي هن چيو ته نالائق ۽ نااهل ماڻهو هاڻي اتي به ٽيون ايل اين جي ٽرمينل لڳائي رهيا آهن هن چيو ته عمران الحق کي دوستي جي ڪري ايم ڊي لڳائڻ جي ڪري ريفرنس داخل ڪيو پيو وڃي هن چيو ته جيستائين نالائق نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت رهندي هي سڀ اندر ئي رهندا هن چيو ته تبديلي جا دعويدار چون ٿا ته تبديلي کائو ماني نه کائون ڪاروباري طبقي کي ڇوٽ ڏني وڃي ٿي ۽ ساليانو ايٿنول جي مد ۾ 4 ارب رپيا معاف ڪيا ويا هڪ سال ۾ ترقي جي شرح اڌ ۽ مهانگائي 13 سيڪڙو ٿيندي هن چيو ته ننڍڙي سوچ رکندڙ وزيراعظم حمزه شهبازشريف جو کاڌو بند ڪري ڇڏيو هن چيو ته ڪراچي ۾ اختيارن جي معاملي تي قانون واري وزير جو آرٽيڪل 149 کي لاڳو ڪرڻ جو بيان حيران ڪندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *