گلاب لغاري ڀرسان مسافر بس موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي, نوجوان فوت، عورتن توڙي ٻارن سوڌو 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.

گلاب لغاري (م.ڊ) گلاب لغاري ڀرسان مسافر بس موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ۽ عورتن توڙي ٻارن سوڌو 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. شيخ ڀرڪيو مين روڊ تي مسافر بس موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽيون کائي ڪري پئي. حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار فرمان ولد انور رند ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاڄائي قزبانو، نينگر شهباز ۽ صدام رند زخمي ٿي پيا. موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، جِن ۾ مولا بخش چانڊيو، ڪارو چانڊيو، مسمات حرمت، شمشاد، سنيتا، اقرا، ابراهيم، لکاڏنو، راجو، روپو، سورج، فاطمه، جميلا، ياسمين، عليزه، شير محمد، شنڪر، ارُن، زليخان، جواد حسين ۽ ٻيا شامل آهن. حادثي جي زخمين کي پوليس موبائيل ۽ پي پي ايڇ آءِ جي گاڏين ذريعي بي ايڇ او منتقل ڪيو ويو، جتي 6 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *