احتساب جي نظام تي عدم اطمينان جو اظهار، سپريم ڪورٽ حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو ۽ احتساب جي نظام تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ان کي سياسي انجنيئرنگ کان پاڪ ڪرڻ تي زور ڏنوآهي احتساب جي هڪ طرفي گاڏي هلي رهي آهي اهي ماڻهو به حڪومت ۾ ويٺا آهن جن جو پنهنجو احتساب ٿيڻ گهرجي قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني جي رستي ۾ ڪرپشن بي شڪ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي حڪومت کي ڪرپشن ختم ڪرڻي هجي ها ته سڀ کان پهريان صفحن ۾ موجود ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙي ها پارليمينت لارجز ۾ چرال مان ايم ايم اي جي اسيمبلي ميميبر مولانا عبدالاڪبر چترالي سان ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس جي 436 ماڻهن کي سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت پاران طلبي جو ڪوئي نوٽيس نه ملڻ حيران ڪندڙ آهي نيب ملڪ جي ميگا اسڪينڊل کي جلد اڪلائي 150 ميگا اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙيو وڃي ها ته عوام کي اطمينان ٿئي ها ته حڪومت سچ پچ ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لا3 ڪوششون ڪري رهي آهي هن چيو ته حڪومت ۾ شامل ٿيندڙ کي پاڪ صاف قرار ڏنو وڃي ٿو هن چيو ته حڪومت احتساب جي نعري تي آئي آهي پر هڪ سال اندر ٻين نعرن ۽ دعوائن وانگر احتساب جي نعري جا پول پڌرا ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *