ڪراچي پوليس هٿان گرفتار صفورا سانحي جي جوابدارن سبين محمود سميت سمورن قتلن جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس صفوران سانحي جي مک جوابدار طاهر سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فون ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي ادارن جي تعريف ڪئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس مک جوابدار طاهر کي پنجاب جي شهر بهاولپور ۽ ٻين کي ماڙيپور واري علائقي مان گرفتار ڪيو. پوليس موجب، گرفتار جوابدار پڙهيل لکيل آهن جيڪي اردو ڳالهائيندڙ آهن. پوليس ذريعن موجب صفوران سانحي جي مک جوابدار طاهر جو شاهد نالي ڀاءُ ڪجهه ڏينهن اڳ ملير جي هٽايل ايس ايس پي رائو انوار تي مبينا حملي کان پوءِ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو هو جنهن جي پلاند ۾ جوابدارن اسماعيلي ڪميونٽي کي نشانو بڻايو. پوليس ذريعن موجب، رائو انوار تي حملي کان پوءِ مبينا مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي جهنگ ۽ شور ڪوٽ جا ڪمانڊر به مارجي ويا هئا. پوليس موجب، واردات ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته امڪان آهي ته اڄ آءِ جي سنڌ پريس ڪانفرنس ڪري جوابدارن جي باضابطه گرفتاري ظاهر ڪري. هوڏانهن پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سيد قائم علي شاهه سان فون تي ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري جوابدارن جي گرفتاري تي تعريف ڪئي. آصف علي زرداري صفوران سانحي ۾ ملوث چئن جوابدارن جي گرفتاري تي سڪيورٽي ادارن کي ساراهيو. آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي هدايت ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *