گجرانوالا ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

گجرانوالا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) گجرانوالا ۾ پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ سان 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي گروپ جا وارث اسپتال ۾ پوليس جي سامهون هڪ ٻئي سان هٿا پائي ڪئي. پوليس موجب هڪ گروپ جي 4 ماڻهن کي عدالت ۾ پيشي لاءِ گجرانوالا عدالت آندو پئي ويو ته رستي ۾ انهن جا مخالف ملي ويا، جن وچ ۾ اتي ئي سخت منهن ماري ٿي، جنهن کانپوءِ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي پئي. جن مان 2 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته  زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي هڪ ٻيو زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. 2 زخمين جي حالت نازڪ هئڻ سبب لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *