نوازشريف ۽ زرداري گڏجي نيب جو سربراهه لڳايو جنهن سندن ڪيسز ختم ڪيا: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ نوازشريف پنهنجي مفاد خاطر هڪ ٿي وڃن ٿا جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته ٻنهي جي مشاورت سان نيب جو سربراهه لڳايو ويو جنهن سندن سمورا ڪيسز ختم ڪري ڇڏيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان تي مڪمل اعتماد آهي ۽ جوڊيشل ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندي اُهو اسان کي منظور هوندو، ثبوتن سبب ئي اين اي 125 جو فيصلو عوام آڏو آيو ۽ اين اي 122 جو فيصلو به اسانجي حق ۾ ايندو جڏهن ته 2015 چونڊن جو سال آهي. هن چيو ته ايف آئي اي منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته ذوالفقار مرزا جي الزامن جي جانچ ضرور ڪرايا ها. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪابه اپوزيشن ناهي آصف زرداري ۽ نوازشريف پنهنجي مفاد خاطر هڪ ٿي ويندا جنهن سان پاڪستان کي نقصان پهتو آهي، ٻنهي جي مشاورت سان نيب جو سربراهه لڳايو جنهن نوازشريف ۽ آصف زرداري جا سمورا ڪيسز ختم ڪري ڇڏيا. هن چيو ته گيس انفراسٽڪچر ڊيولپمينٽ بل جي منظور ٿيڻ سان سمورن صوبن ۾ احساس محرومي وڌندي ۽ حڪومت جي اهڙي قدم سان پنجاب خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيندو ۽ جيڪڏهن حڪومت کي گيس انفراسٽڪچر ڊيولپمينٽ سيس بل منظور ڪرائڻو آهي ته اُن کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ذريعي آندو وڃي. هن چيو ته ان بل سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ صنعتون وڌيڪ تباهي ڏانهن وينديون جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي صنعتن کي گهڻو نقصان ٿيندو جتي پهريان ئي 70 سيڪڙو انڊسٽريون بند آهن، هن چيو ته حڪومت ٽيڪس جو نظام ڪري ها ته گيس مهانگي نه ٿئي ها، اميرن کان ڪابه ٽيڪس وصول نه پئي ڪئي وڃي. پاڪ چائنا اقتصادي راهداري جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته هي پروجيڪٽ پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2013ع ۾ مفاهمتي يادداشت جي معاهدي تي صحيح ٿي هئي پر ڪنهن کي راهداري روٽ جو علم نه هو، جڏهن ته انهيءَ روٽ ذريعي بلوچستان جي عليحدگي پسند تنظيمون به پاڪستان کي تسليم ڪرڻ تي راضي ٿي وينديون انهيءَ روٽ ذريعي پوئتي پيل علائقن جي ڊيولپمينٽ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *