ڪراچي پوش علائقي مان ٽن گڏهن جون منڍيپن ۽ اوجهه هٿ، گوشت ڪيڏانهن ويو پوليس پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽن گڏهن جي منڍين ۽ اوجهه پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڪلفٽن واري علائقي ۾ باقيات هٿ اچڻ کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته گڏهن جو گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪلفٽن جي لائسنس برانچ ڀرسان ڪچري ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچره ڪنڊي ۾ ٽن گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ آيا، رات دير سان اڻڄاتل ماڻهو مبينا طور ڪُٺل گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا. سائوٿ زون جي پوليس ٽيم پهچي علائقي واسين ۽ رهواسين کان پُڇاڳاڇا ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه ڪير اُڇلي ويو آهي، جڏهن ته رهيل گوشت ڪيڏانهن ويو؟

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *