سجل علي ۽ احد رضا مير “پيسا ايوارڊز” 2020ع لاءِ نامزد

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مقبول ۽ خوبصورت اداڪارا سجل علي ۽ سندس مڱيندو اداڪار احد رضا مير هن وقت ٽي وي اسڪرين جي پسنديده جوڙن ۾ شامل آهن. سجل ۽ احد جي جوڙي 2017ع ۾ ڊراما سيريل “يقين ڪا سفر” سان مقبوليت جي اوچاين کي ڇهيو جنهن کانپوءِ ٻنهي جي جوڙي “آنگن” ۾ جوهر ڏيکاريا. سجل ۽ احد گذريل سال 6 جون تي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مڱڻي جي خوشخبري به ڏني هئي. پاڪستان انٽرنيسنل اسڪرين ايوارڊز (پيسا) 2020ع جون نامزدگيون سامهون آيون آهن جن ۾ سجل علي کي بهترين اداڪارا جي طور تي نامزد ڪيو ويو اهي جڏهن ته احد رضا کي بهترين اداڪار جي ڪيٽيگري ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. نجي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٻنهي کي گذريل سال ڊراما سيريل “آنگن” ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ تي نامزد ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *