آئي جي سنڌ حڪومت سان تعاون نٿو ڪري، اڳ ڪڏهن وفاقي ڪابينا ڪنهن آئي جي جي مقرري جي منظوري ناهي ڏني: سعيد غني

عمرڪوٽ (د.ر)  سروي جماعت جي روحاني رهبر ۽ پي پي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ، سنڌ اسميبلي اسپيڪر آغا سراج دوراني ، اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني ، صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال پاران ڳوٺ کاروڙو سيد پهچي اڳواڻي صوبائي وزير سيد حاجي علي مردان شاهه جي وفات تي ان جي ڀاءٌ ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه ، فرزند سيد امير علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان تعزيت ڪئي ۽ دعا مغفرت ڪئي ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سيد علي مردان شاهه پيپلزپارٽي جي هڪ سنئير اڳواڻ ۽ پارٽي ۾ هڪ وڏو اثاثي جي اهميت جو حامل هويو ۽ پارٽي ۾ ان جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ، هن چيو ته 39 سال پارٽي جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ پارٽي کي مضبوط ۽ منظم رکيو ، ان جي اوڇتي وڇوڙي تي  ان جي خال کي ڪڏهن به  ڀري نٿو سگهجي ، ان موقعي تي هن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سرڪاري آفيسر ۽ ملازم جي بدلي نوڪري جو حصو آهي ۽ پنجاب ۾ 05 دفعا آئي جي ، ڪي پي ڪي ۾ 04 دفعا ۽ اسلام آباد ۾ 03 دفعا آئي جي تبديلي ٿي چڪي آهي پر حڪومت سنڌ 16 مهنين کانپوءِ آئي جي جي تبديلي جي لاءِ سنڌ ڪابينه ۾ منظوري ورتي ۽ ڪابينه آئي جي جي ڪارڪردگي ۽ ان جي اختيارن جو ناجائيز استعمال تي عدم اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ آئي جي حڪومت سنڌ کان ڪنهن به قسم جو تعاون نٿو ڪري، صحافين جي هڪ ٻئي ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنهن به صوبي جي آئي جي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينه مان منظوري نه ورتي وئي پر سنڌ ۾ جي آئي جي جي تبديلي جي لاءِ وفاقي ڪابينه ۾ منظوري ورتي پئي وڃي ، صحافين پاران ڪيل اٽي جي قلت جي جواب ۾ چيو ته اٽي جي قلت صوبي سنڌ ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ هئي ۽ ان صورتحال ۾ نا جائيز منافع خورن موقعي سان فائدو ورتو ۽ اٽي جا ريٽ وڌيڪ ڪيا جنهن جي ڪري مسئلا پيش ٿيا ۽ خصوصي طور تي جيڪا سنڌ ۾ اٽي جي قلت ٿئي هن جو سبب ٽرانسپورٽرن جي 10 يا 12 ڏينهن جي هڙتال هئي جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي قلت پيدا ٿي ، ان موقعي تي ڪڻڪ جي گودامن ۾ ڪڻڪ جو ڪرايو وٺڻ جي  ڇپيل خبر جي جواب ۾ ان خبر جي ترديد ڪندي چيو ته سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ جو بوريون جو ڪو ڪرايو ادا نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪا به خبر هلائڻ کان پهرين کاتي جي سيڪريٽري سان معلومات ورتي وڃي ، ايم ڪيو ايم پاران ڪيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزادي سان سياست ڪرڻ هر پارٽي جو بنيادي حق آهي ۽ جيڪا ايم ڪيو ايم جا دفتر ۽ سيڪٽر کولڻ  تي پابندي هئي ان جي وجهه ماضي ۾ ايم ڪيو ايم پاران سرڪاري عمارتن ، اسڪولن ۽ راندين جي گرائونڊ تي پنهنجا ناجائيز دفتر کوليا هئا جيڪا غلط ڪم ۾ استعمال ٿي رهيا هئا پر هاڻ جيڪڏهن انهن جا دفتر کولڻ جي اجازت ملندي ته اها سياست ۽ فلاح و بهبود جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ هوندي …

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *