ڪراچي شهر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو، موبائيل فون سروس بند

ڪراچي (اين اين آءِ) شهر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. 8 محرم جي جلوس کان اڳ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي ۽ ٽن ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي وڌي وئي آهي. مرڪزي جلوس جي لنگهه صدر، ايم اي جناح روڊ تي کارادر تائين جي علائقي کي مڪمل سيل ڪيو ويو آهي، 7 هزار کان وڌيڪ دڪانن ۽ مارڪيٽن کي پوليس سيل ڪري ڇڏيو آهي، ڊگهين عمارتن تي پوليس ڪمانڊوز ۽ شوٽر ورهاريا ويا آهن جڏهن ته شهر جي هوائي نگراني شروع ٿي وئي آهي، تفصيل موجب محرم جي مرڪزي جلوسن ۾ دهشتگردي جي امڪاني خدشي سبب پوليس ۽ رينجرز کي هاءِ الرٽ ڪري شهر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي پوليس اهلڪارن جون موڪلون بند ڪيون ويون. سخت سيڪيورٽي سبب ايم اي جناح روڊ کي نمائش کان کارادر تائين مڪمل سيل ڪيو ويو آهي جنهن سبب شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. 8 محرم جي جلوس کان اڳ صبح سوير کان شهر ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي پوليس ذريعن مطابق موبائيل فون سروس جلوس جي پڄاڻي تائين بند رهندي سروس کي جلوس جي ويجهن علائقن ۾ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته رات 12 وڳي کان پوءِ ٽن ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي وڌي وئي آهي جڏهن ته پيرسن، عورتن ٻارڙن ۽ صحافين کي پابندين کان آجو ڪيو ويو آهي. پوليس سومر جي رات 8، 9 ۽ 10 محرم جي موقعي تي نشتر پارڪ مان برآمد ٿيندڙ مرڪزي جلوسن جي رستن ۾ ايندڙ 7 هزار کان وڌيڪ مارڪيٽن ۽ دڪانن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان سرچنگ کان پوءِ کين سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايم اي جناح روڊ ۽ صدر سميت جلوس جي لنگهن ۾ ايندڙ گهٽين ۽ رستن کي به ڪنٽينر ۽ وڏين گاڏين سميت ٻيون رنڊڪون وجهي سيل ڪري حفاظتي قدمن تحت انهن هنڌن تي پوليس جا اٽالا به بيهاريا ويا پوليس مطابق آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پابند ڪيو ويو ته سيل ڪيل رستن سان نه ڪوئي جلوس ۾ شامل ٿي سگهندو ۽ نه ئي انهن رستن کان ڪنهن ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڪراچي پوليس جي ترجمان مطابق پوليس محرم جي جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ مختلف هنڌن تي پنهنجا فرض نڀائي رهي آهي 8 محرم جي ڏينهن سيڪيورٽي لاءِ 2938 پوليس آفيسر ۽ جوان موجود آهن پوليس جي سينيئر آفيسرن سميت پوليس جا جوان ۽ ليڊي پوليس اهلڪارن جي ڳري نفري 8 محرم جي جلوسن ۽ مجلسن جي نگراني تي مقرر آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *