فوج جي واپسي تي شرمندگي ناهي، افغان فوجي نٿا وڙهڻ چاهين ته پنهنجا فوجي ڇو مارايون: آمريڪي صدر

ڪابل (اين اين آءِ) ڪابل ۾ افراتفري واري صورتحال باوجود آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته هو افغانستان مان آمريڪي فوجين کي ڪڍڻ جي فيصلي جي پٺيان ڄمي بيٺو آهي ۽ موجوده صورتحال جي ذميواري افغان فوج ۽ اڳواڻن تي لاڳو ڪئي. ميڊيا رپورٽس مطابق آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو ته کيس ڄاڻ آهي ته افغانستان بابت ان جي فيصلي تي تنقيد ڪئي ويندي پر هو افغان جنگ جي ذميواري ملڪ جي ايندڙ صدر تي وجهڻ بدران هي تنقيد برداشت ڪندا هن چيو ته افغانستان بابت فيصلو آمريڪي عوام ۽ ملڪ جي حقن ۾ بهتر آهي ڪيترن ڏينهن کان ٽيليويزن تي ڇانيل هربونگ جي منظرن کان پوءِ آمريڪي فوج جي واپسي تي پنهنجي خاموشي ختم ڪندي هن طالبان جي افغانستان تي قبضي جو الزام افغان سياسي اڳواڻن تي جيڪي ملڪ مان ڀڄي ويا ۽ آمريڪي تربيت يافته افغان فوج جي  عسڪري ٽولي سان نه وڙهڻ کي قرار ڏنو ان سان گڏ ئي هو ڪابل ۾ ختم ڪيل اولهه حمايتي يافته حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته آمريڪي فوج اهڙي قوم جو دفاع نٿي ڪري سگهي جنهن جو اڳواڻ مثال طور افغان صدر اشرف غني هار مڃي ڀڄي ويو جوبائيڊن جو چوڻ هو ته اسان کيس پنهنجي مستقبل جو تعين ڪرڻ جو هر موقعو ڏنو اسان کيس ان جي مستقبل لاءِ وڙهڻ جو حوصلو نٿا ڏئي سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *