”آهستي آهستي اسان جو خاتمو ٿي ويندو“ افغان نينگريءَ جي هانءُ ڏاريندڙ ويڊيو

ڪابل(م.ڊ) افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ افغان نينگريءَ جي جيءُ جهوريندڙ ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ويڊيو ۾ نينگري پنهنجي ملڪ سان دنيا جي ورتاءَ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چئي ٿي ته اسان کي تاريخ ۾ وساريو ويندو. ايراني صحافڻ مسيح ايلينيجاد به اها ويڊيو ٽوئيٽر تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ نينگريءَ سُڏندي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان پريشاني جو اظهار ڪري رهي آهي. ويڊيو ۾ نينگري چئي رهي آهي ته اسان اهميت نٿا رکون، ڇو ته اسان افغانستان ۾ ڄاوا آهيون، مان پاڻ کي روئڻ کان نٿي روڪي سگهان، مون کي پنهنجا ڳوڙها اُگهڻا پوندا ته جيئن هيءَ ويڊيو ريڪارڊ ڪري سگهان. نينگري چئي ٿي ته اسان جي ڪنهن کي پرواهه ناهي، تاريخ ۾ آهستي آهستي اسان جو خاتمو ٿي ويندو، ڇا اهو ڇرڪائيندڙ ناهي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *