ڪراچي سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي هر صورت ۾ پڪڙيو ويندو: آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف کي ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز صفوران چورنگي سانحي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اموقعي تي اجلاس ۾ ڊي جي آئي ايس آئي به موجود هو. ڪور هيڊ ڪواٽرز ڪراچي ۾ آرمي چيف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صفورا ڳوٺ واقعي سوڌو شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.صفورا ڳوٺ واقعي کانپوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجون سموريون مصروفيتون ۽ سري لنڪا جو دورو پڻ منسوخ ڪري ڇڏيو ۽ ڪراچي پهچي ويو. آرمي چيف سان گڏ ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي آءِ ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر به آهن. آرمي چيف جي صدارت هيٺ هلندڙ اجلاس ۾ ڪراچي جي امن امان ۽ بس تي فائرنگ  جي واقعي جو جائزو ورتو ويو.ذريعن مطابق اجلاس ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ لا3 سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هاڻي دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهارين کي ڪا به ڇوٽ نه ملندي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *