معصوم شهرين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جو اسلام سان ڪو واسطو نه آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَجي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪراچي ۾ بس تي فائرنگ کي شرمناڪ ڪوٺيندي چيو ته آهي ته بزدلاڻا واقعا دهشتگردي جي خلاف عزم کان پوئتي نٿا هٽائي سگهجن وفاقي وزير اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي ۾ بس تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي هن چيو ته واقعو شرمناڪ ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي اهڙا واقعا دهستگردي خلاف عزم کان پوئتي نٿا هٽائي سگهجي پرويز رشيد چيو ته دهشتگردن پرامن اسماعيلي برادري کي نشانو بڻايوهي ڪميونٽي پاڪستان جي خدمت ڪري ٿي قاتلن جو ڪنهن مذهب سان ڪو تعلق نه آهي پرامن مڻهن کي نسانو بڻائڻ خطرناڪ ڪارروائي آهي پرويز رشيد چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ پاڪستان جي سرزمين تائين آخري دهستگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *