هر اهم مسئلي ۾ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو، سخت فيصلا ڪرڻا پوندا: وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف ڪراچي ۾ بس تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو پاڪستان ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ۽ دهشتگردن اهڙن ماڻهن کي ن NNI13-45
شانو بڻايو آهي جيڪي ڪڏهن به تڪراري ناهن رهيا دهشتگردن جو نشانو بڻيل محبت وطن ۽ پرامن ماڻهو آهن جن هميشه پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو آهي هو اربع تي وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس جي موقعي تي موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ان کان اڳ قرآن پاڪ جي تلاوت کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي خالد مقبولصديقي تجويز پيش ڪئي ته ڪراچي ۾ وڏو واقعو ٿيو آهي اڄ جي هن اجلاس کي ملتوي ڪري وزيراعظم نوازشريف اسان سان ڪراچي هلي جنهن تي وزيراعظم چيو ته هي نهايت ڳڻتي جوڳو واقعو آهي جو دهشتگرد پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪئي جيڪي نهايت محب وطن ۽ پرامن ماڻهو آهن جن هميشه پاڪستان جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته هي يقينن پاڪستان ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ ۽ هڪ ٻئي کي ويڙهائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي اهڙن ماڻهن کي ملوث ڪيو پيو وڃي جيڪي ڪڏهن به تڪراري نه هئا وزيراعظم موجود ماڻهن کي چيو ته هو پنهنجي راءِ ڏين ته ڇا ميٽنگ کي مختصر ڪري ڪراچي وڃن چاهين ٿا ان تي پيپلزپارٽي جيڪو چيئرمين آصف علي زرداري وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير کي ڪراچي اماڻيو ويو آهي وزيراعظم چيو ته زرداري صاحب کيس ٻڌايو ته سيد قائم علي شاهه کي فوري طور تي ڪراچي اماڻيو ويو آهي ان لاءِ هو هن ميٽنگ ۾ نظر نه پيو اچي وزيراعظم موجود ماڻهن کي چيو ته اسان جنهن مقصد لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ان کي مختصر ڪيون ۽ پوءِڪراچي ۾ اوهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان سڀ هن واقعي تي ڏکايل آهن اسفنديارولي چيو ته اجلاس کي پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي ڪراچي جو واقعو افسوسناڪ آهي سڀ هن واقعي تي ڏکايل آهن جهن تي وزيراعظم چيو ته جيڪو اڪثريت جو فيصلو آهي اهو منهنجو فيصلو آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته منهنجي خيال ۾ اجلاس سڏائيجي چڪو آهي ڪنهن کي معلوم نه آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ هن جون ڇا مصروفيات آهن ڪراچي جو واقعو افسواناڪ آهي هي اجلاس بريفنگ لاءِ سڏايو ويو آهي ۽ بريفنگ هئڻ گهرجي. ان تي وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ سمورن اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن مشاورت سان مون کي خوشي ٿي آهي جو اسان سڀ گڏجي ويٺا آهيون هن کان اڳ به اهم قومي موضوعن تي پنهنجي راءِ ڏيون ٿا جيڪڏهن هي روايت بڻجي وڃي ته سٺو آهي ۽ ايندڙ دورن ۾ به ايئن ئي ٿيڻ گهرجي اسان جا خيال بلڪل مختلف هجن سڀني کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ سمورا فيصلا گڏيل مشاورت سان ٿيڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اهڻي جنهن مقصد لاءِ هي اجلاس سڏايو ويو آهي ان تي رٿابندي ۽ ترقيات جو وزير احسن اقبال تفصيلي بريفنگ ڏي ٿو ان سان گڏ ئي احسن اقبال اجلاس کي پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تي بريفنگ ڏني.

 

 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعظم نوازشريف چيو آهي ته دشمن پاڪستان کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا،ڪراچي جي معاشي ترقي کي روڪڻ دشمن جي ايجنڊا آهي. صفوران چورنگي سانحي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزير اعظم نوازشريف چيو ته دشمنن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪراچي ،پاڪستان جو واپاري مرڪز آهي، هتي ٿيندڙ هر واقعو گهڻي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪندڙ سمورا سيڪيورٽي جا ادارا مقابلي لاءِ تيار آهن. هن چيو ته سموريون ڌريون ڪراچي شهر ۾ امن کي يقيني بنائڻ گهرن ٿيون. نوازشريف هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ پرامن ماڻهن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. وزير اعظم سوال پڇيو ته پابندي مڙهيل تنظيم خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ موثربڻايو وڃي. اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بچاءَ جي وزير خواجا آصف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار،خالد مقبول صديقي ۽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر ،ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ نويد مختار ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف کي صفوران سانحي تي بريفنگ ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *