ڪراچي جي علائقي حيدري ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري آهي،اڄ به حيدري ۾ 2 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي دوران فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سان ٻئي اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا.پوليس مطابق ڪراچي جي علائقي حيدري نارٿ ناظم آباد ۾ اڻ ڄاتل دهشتگردن 2 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي دوران فائرنگ جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي اهلڪار اسپتال ويندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻنهي اهلڪارن جي سڃاڻپ اسلم ۽ شاهنواز جي نالن سان ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي پوليس اهلڪار نارٿ ناظم آباد ٿاڻي ۾ مقرر هئا ۽ ڊيوٽي دوران ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار4 دهشتگردن فائرنگ ڪئي، واقعي واري هنڌان 9ايم ايم جا خول هٿ ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *