ڪارنهن الزام تحت قتل جا ذميوار ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز آهن: عدالت

لاڙڪاڻو (بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي اندر عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته نارين کي 2 ايڪڙ زمين ۽ ڪجهه پئسن خاطر ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد بنا ڪفن جي دفنايو وڃي ٿو، قتل ۽ جرڳن جا ذميوار حدن جا ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ۾ عورتن جي 100 کان وڌيڪ تحفظ وارين درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذارن جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا. درخواستگذارن جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته پوليس جرڳن تي پابندي باوجود وڏيرن، سردارن ۽ پيرن ڏانهن ليٽر لکي فيصلا ڪرائي رهي آهي، جنهن سبب عورتون دارالامان ۾ به محفوظ ناهن. وڪيلن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته دارالامان مان عورتن کي ڪڍي گم ڪيو وڃي ٿو پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه وٺي رهي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته هر ٿاڻي جو ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز ڪارنهن الزام هيٺ ڪنهن به ناري توڙي نوجوان جي قتل يا جرڳي جا ذميوار آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇوڪرين کي 2 ايڪڙ زمين ۽ ڪجهه پئسن خاطر ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري بنا ڪفن جي دفن ڪيو وڃي ٿو. عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ وڏي وزير، وزيرن، مشيرن ۽ بااثرن جو غير قانوني حڪم نه مڃڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس سندن ڪمداري ڪري رهي آهي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪار صحيح ڊيوٽي نه ڪري رهيا آهن، جنهن سبب رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 60 هزار ڏوهاري روپوش آهن، جن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي. عدالت عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو زباني حڪم ڏيندي چيو ته اڳتي ڪٿي به قتل يا جرڳو ٿيو ته ذميوار حد جو ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي هوندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *