صوبي ۾ زلزلي سان 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿيا، آئينده لاءِ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائيڻو پوندو: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي سان 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿيا آهن آئينده لاءِ حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻو پوندو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زلزلي سٽيلن جي عيادت ڪئي ۽ ان موقعي تي مڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئينده زلزلي کان بچاءُ لاءِ عمارتن لاءِ حفاطتي انتظام ڪرڻا پوندا اهڙا علائقا جتي زلزلي اچڻ جا وڌيڪ امڪان آهن اتي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بنائڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير سان دير سوات ۽ شانگلا وڃي رهيو آهيان جتي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. هن وارثن ۽ ٻين ماڻهن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو هن چيو ته ميڊيا مرڪز سميت ڪنهن کي وارڊز اندر وڃڻ نه ڏنو ويندو ته جيئن مريض متاثر نه ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *