ڪراچي جو ميئر بي ڏوهي آهي ته کيس عدالتون آزاد ڪنديون: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قومي احتساب بيورو (نيب) کي مشورو ڏنو آهي ته هو سنڌ صوبي جي خلاف وچ هنٽ بند ڪري ڇوته ننڍن ڪيسن جي جانچ پڙتال ڪرڻ انهي جو ڪم نه آهي، بلڪه اهو اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جو ڪم آهي. هن اها ڳالهه اڄ شام ڪلفٽن ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي عرس جي اختتامي تقريب جي ادائيگي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي خبر نه آهي ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جا ثمن جاري ٿيا آهن يا نه، پر آئون نيب کي مشورو ڏيندس ته اهو سنڌ صوبي ۾ وچ هنٽ بند ڪري ۽ اهڙي ريت هراسڻ اسان جي مينڊيٽ جي خلاف آهي. اهو ڪم اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ (اي سي اي) جو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت اي سي اي کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي بيگناهه ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويندو جيڪڏهن انهن کي ڪسٽڊي ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو آهي ته اسان انتقام ۽ تشدد تي ڀروسو نٿا رکون ٿا بلڪه اسان هر هڪ جي حقن جو احترام ڪندا آهيون پر انهي جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته اسان ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت ڏينداسون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئي جي پوليس سنڌ جي بدلي ڪرڻ تي ڪوبه غور نه پيو ڪيو وڃي. ترقياتي منصوبن بابت آگاهي ڏيندي وڏي وزير چيو ته هو ذاتي بنياد تي هلندڙ ڪمن جو معائنو ڪندو ۽ انهي ڳالهه جي بنهه اجازت نه ڏيندو ته ڪنهن به منصوبي جو ڪم فقط ڪاغذن تائين محدود رهي. بلڪه اسان اهو فيصلو ڪيو آهي ته سڀني ترقياتي منصوبن بابت حقيقتن، منصوبي جي منظوري کان وٺي فنڊ ملڻ تائين جي ڄاڻ ويب سائيٽ تي رکنداسين ته جيئن ماڻهن کي پنهنجن علائقن ۾ ٿيڻ وارن ڪمن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي. هن چيو ته حڪومت تعليم جي نظام، صحت جي خدمتن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته اسان شهر ۾ امن لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. تنهن ڪري انهي کي لتاڙڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. ان کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه غازي جي مزار تي گلن جي چادر چڙهائيندي فاتحه خواني ڪندي ٽن ڏهاڙن جي عرس جي پڄاڻي ڪئي. ان کانپوءِ سيد مراد علي شاهه ايم پي اي نصرت خواجه جي گهر ويو ۽ ان سان سندن ڀاءُ وزير علي خواجه جي وفات تي جيڪو هڪ نامور بينڪر هو تعزيت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *