ملڪ جو اصل مسئلو ڪرپشن آهي، رائيونڊ مارچ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ احتجاج جو ڪو ئي قدر ناهي رائيونڊ مارچ وارا رستن تي ئي ويٺا هوندا ۽ وزيراعظم مٿان هيليڪاپٽر تي ايندو ۽ ويندو رهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ مظاهرين کي پنهنجي احتجاج جو مقصد معلوم هوندو آهي ۽ اهي پنهنجي ملڪ جي حڪومت کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر پاڪستان ۾ احتجاج جو ڪو ئي قدر ناهي ترقي يافته ملڪن ۾ مظاهرن ۽ احتجاجن جو اثر هوندو آحي هتي پاناما ليڪس هجي يا ڪا ئي ٻي ليڪس ڪوئي به ان کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته پاناما ليڪس ڪرپشن جو کليل ڪتاب آهي پر هر ماڻهو پاناما ليڪس کي نظرانداز ڪري رهيو آحي هن معاملي تي حڪومت جو ضد برقرار آهي جيڪڏهن احتساب نه ٿيو ته پوءِ واضح ٿي ويندو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آحي هن جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف رائيونڊ مارچ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج ڪرپشن آهي ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته ملڪ مان غربت سولائي سان ختم ٿي ويندي پر هتي ماڻهو صحت جو ڪارڊ ورهائڻ لاءِ تقريبن جو اهتمام ڪن ٿا ۽ اربين رپيا ڪرپشن جي حوالي ٿي وڃن ٿا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *