دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن جا 2 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽ سيل

ڪراچي (م.ڊ)  نيڪٽا جي هدايت تي عمل ڪندي خانگي بينڪن شيڊول فور ۾ شامل پابندي پيل تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا 2 هزار 21 بينڪ اڪائونٽ فريز ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب شيڊول 4 ۾ شامل 2021 ماڻهن جا خانگي ۽ سرڪاري بينڪن ۾ اڪائونٽ فريز ڪيا ويا آهن، اسٽيٽ بينڪ پاڪستان خانگي بينڪن کي شيڊول 4 ۾ شامل شڪي ماڻهن جا نالا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جون فهرستون ڏنيون هيون ۽ 15 ڏينهن اڳ هدايت جاري ڪئي هئي ته شيڊول 4 ۾ شامل سمورين پابندي پيل تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا بينڪ اڪائونٽ فريز ڪيا ويندا. اسٽيٽ بينڪ جي هدايت تي عمل ڪندي سڄي ملڪ ۾ قائم خانگي بينڪن پنجاب کان هڪ هزار 443، سنڌ مان 226، بلوچستان مان 193 ۽ گلگت بلتستان مان 106، آزاد ڪشمير مان 26 جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ مان 27 ماڻهن جا اڪائونٽ فريز ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *