ڪراچي۾ هلڪي برسات، ڪي اليڪٽرڪ جا پرزا ڪم ڇڏي ويا، شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، 27 ۽ 28 جولائي تي تيز برسات جي اڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات پوندي ئي ڪي اليڪٽرڪ جي پت وائکي ٿي وئي ۽ شهر جو اڌ کان وڌيڪ حصو بجلي کان محروم ٿي ويو. گذريل ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات شروع ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ جي شهر کي بجلي فراهمي جو نظام بهتر بڻائڻ جي دعويٰ به پاڻي ٿي وئي ۽ رات جو ئي شهر جي گهڻن علائقن ۾ بجلي گم ٿي وئي. ڪورنگي 5 نمبر، فيڊرل بي ايريا، عزيز آباد، گلشن اقبال، ملير، ماڊل ڪالوني، گلستان جوهر بلاڪ 8، نارٿ ناظم آباد، کارادر، ميٺادر ۽ ڊفينس منظور ڪالوني ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اڃا بجلي معطل آهي. بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ هيلپ لائن به رڪارڊنگ لڳائي وئي، جنهن سبب شهري شڪايتون ڪرڻ کان به محروم رهيا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به ڪو جواب وصول نه ٿيو. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته برسات ۽ هوا ۾ گهم وڌيڪ هجڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي، حفاظتي قدمن تحت ڪجهه هنڌن تي بجلي عارضي طور بند ڪئي وئي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ ٽيمون خرابي جي درستگي لاءِ ڪوششن ۾ آهن. هوڏانهن حيدرآباد، بدين، مٽياري، هالا، ٽنڊي الهيار ۽ مٺي ۾ به بجلي جي فراهمي معطل آهي.  جڏهن ته  موسميات کاتي ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 جولائي تي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي جڏهن ته اڄ شام بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي گرمي ۽ اُٻ کان پريشان ڪراچي وارن کي   خوشبخري ٻڌائيندي 27 ۽ 28 جولائي تي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اڄ شهر ۾ اُٻ واري صورتحال رهندي جڏهن ته شام ۾ بوندا باندي ۽ هلڪي برسات جو آهي. ڪراچي جو موجودا گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ، هوا ۾ گهم جو تناسب 58 سيڪڙو آهي جڏهن ته هوا 18 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار گهلي رهي آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم رهندي، جڏهن ته زوب، قلات، مڪران، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر ڊويزن ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته مالاڪنڊ، هزارا، پشاور، ڪوهاٽ، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، گوجرانوالا، راولپنڊي ڊويزن، اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاري ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *