نيب جي هدايت تي شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي ناليتي رجسٽرڊ ۽ استعمال هيٺ گاڏيون بلاڪ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب جي هدايت تي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس خندان جي نالي تي رجسٽرڊ ۽ استعمال هيٺ گاڏين جي ڪاغزن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن  کاتي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي نالي تي ملڪيتن ۽ گاڏين کي منجمد ڪري ڇڏيو آهي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي موٽر رجسٽريشن اٿارٽي شهباز شريف جي نالي تي استعمال هيٺ ٻن لينڊ ڪروزرن ۽ ٻن گاڏين کي ايڪسائيز رڪارڊ ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ماڊل ٽائون سميت ٻين شهرن ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي پراپرٽيز کي به منجمد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اها پراپرٽي ڪنن ٻئي جي نالي تي ٽرانسفارمر نه ٿيندي، ان حوالي سان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي رپورٽ تيا ڪري نيب کي موڪلي ڇڏي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *