مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي واري تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيءُ قتل، سندس ٻه پٽ سخت زخمي

مدئجي(رپورٽر) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ويهه ميل ٿاڻي جي حد فقيرڳوٺ ۾ پاڻي جي واري تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،هڪ ڌر پاران فائرنگ،گوليون لڳڻ سبب پيءُ قتل،سندس ٻه پٽ سخت زخمي،اطلاع باوجود پوليس ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي،زخمي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل،مقتول جي وارثن پاران لاش سميت سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو،ٻن ڪلاڪن بعد انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم،پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،ڪيس داخل ٿي نه سگهيو…….خبرموجب:مدئجي جي ڪچي واري علائقي ويهه ميل ٿاڻي جي حد فقيرڳوٺ ۾ پاڻي جي واري تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ منهن ماري بعد هڪ ڌر فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 40 ورهين جو عبدالفتاح جوڻيجو موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته سندس ٻه نوجوان پٽ 18 سالا محمد مراد ۽ 16 سالا علي نواز جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا,جنهن بعد جوابدار ڌر پاران ڪيترو ئي وقت هوائي فائرنگ ڪندا رهيا,جنهن سبب پوري علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو,جڏهن ته واقعي جي اطلاع باوجود سڏ پنڌ تي ويهه ميل ٿاڻو هجڻ باوجود پوليس ڪلاڪ بعد پهچي زخمين کي کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال پهچايو,جڏهن مقتول جي وارثن پاران مقتول عبدالفتاح جوڻيجو جو لاش کڻي مرزانپور بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو,جنهن دوران روڊ جي ٻنهي  پاسن کان وڏي انگ ۾ گاڏيون بيهجي ويون,ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي شهزادو,ديدار,جعفر,ڌڻي بخش,مسمات نسيمان خاتون,سونا,روبينا خاتون,ثمينا خاتون,گلزارجوڻيجو ۽ ٻين چيوته مقتول عبدالفتاح جوڻيجو پنهنجي پٽن سميت زرعي زمين تي ڪم ڪري رهيو هوته پنهنجي برادري جي ماڻهن پاڻي بابت منهن ماري ڪرڻ بعد هٿيارن جا منهن کولي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب عبدالفتاح جوڻيجو موقعي تي مارجي ويو,جڏهن ته سندس ٻه نوجوان پٽ سخت زخمي ٿيا آهن,جن کي لاڙڪاڻي اسپتال پهچايو آهي,مظاهرين دانهيندي چيوته جوابدارن کي بااثرن توڙي پوليس جو سرپرستي حاصل آهي جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا ڌرڻو ختم نه ڪنداسين,ٻئي طرف ايس ايڇ او ڳاهيجا ۽ ايس ايڇ او نئون امروٽ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي روڊ کولڻ لاء منٿون ڪيون پر مظاهرين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو,ڌرڻي جي ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي مدئجي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ٽرئفڪ بحال ڪرائي،ٻئي طرف مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو….

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *