ڪراچي۾ فيڪٽري کي باھ، ھڪ خاندان جي 5 ڀاتين سميت 17 ڄڻا سڙي فوت

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل فيٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 مزدور سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته فائر برگيڊ جا ٻه اهلڪار به زخمي ٿيا آهن. ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ موجود ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي شدت اختياري ڪري ورتي، واقعي جي اطلاع تي فائر برگيڊ عملو فيڪٽري پهتو ۽ باهه وسائڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون پر باهه ايتري ته شديد هئي جو فائر برگيڊ اختيارين باهه کي ٽين درجي جي قرار ڏيندي سموري شهر مان فائر ٽينڊرز کي طلب ڪري ورتو. فائر برگيڊ اختيارين موجب فيڪٽري جي اندر ڪيترائي مزدور ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته فيڪٽري جي اندر دونهون ڀرجي وڃڻ سبب وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري فيڪٽري جون ڀتيون ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري مان هن وقت تائين 13  مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته زخمين مان 4 فوت ٿي چڪا آهن، فيڪٽري ۾ دونهين سبب اندر وڃڻ ممڪن نه آهي جڏهن ته 2 فائر فائيٽرز به ڪارروائي دوران عمارت تان ڪرڻ سان زخمي ٿيا آهن. اسپتال انتظاميا موجب فوتين مان 5 ڄڻن جي سڃاڻپ سلمان، فرمان، علي، حسن ۽ فرحان جي نالي سان ٿي آهي، علي، حسن، فرمان ۽ فرحان هڪ ئي خاندان جا آهن. ٻي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعو جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر کاتي کان تفصيل طلب ڪيا آهن. ترجمان موجب وڏي وزير فوتي مزدورن جي خاندانن جي ڀرپور مدد ڪرڻ ۽ زخمين جو علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر ڊپارٽمينت کان پڇا ڪئي ته واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ حفاظتي اپاءُ ڪهڙا هئا. ايڏو وڏو جاني نقصان ڪيئن ٿيو، مراد علي شاهه فوتي مزدورن جي خاندان جي ڀرپور مدد ڪرڻ ۽ زخمين جو علاج ڪرائڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي ان کان سواءِ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي علائقي اورنگي جي فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فائر برگيڊ جي کاتي کي 10 لڳي 9 منٽن تي باهه لڳڻ جو اطلاع مليو 10 لڳي 10 منٽن تي فائربرگيڊ جو عملو روانو ٿيو ايڊمنسٽري چيو ته باهه وسائڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا ڏکيائي ان لاءِ ٿي جو شايد فيڪٽري ۾ نڪرڻ جو رستو نه هو هن ٻڌايو ته باهه اجائي وئي آهي ڪولنگ جو عمل جاري اهي، متاثر فيڪٽري ۾ 21 ماڻهو فرسٽ فلور تي ڪم ڪري رهيا هئا مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته پولس ۽ فائر برگيڊ جو عملو معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي جنهن جي رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي توفين ڏي ته فيڪٽرين جي حوالي سان رٿابندي ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *