افغانستان جي حالتن سبب ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت خاتمو سڀني جي اميدن جي ابتڙ آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ صورتحال، درپيش قومي سلامتي جي مسئلن ۽ ڪنهن قسم جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار جي حوالي سان سڀني کي خبر آهي، آمريڪا ۽ نيٽو فوج جو انخلا اڳ کان طئي ٿيل هو، پاڪستان اڳ ئي افغانستان سرحد جي تحفظ لاءِ قدم کنيا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سرحد محفوظ ۽ مستحڪم هجڻ جا هاڪاري اثر پاڙيسري ملڪ تي به پوندا. پاڙسري ملڪ ۾ ٿيل واقعن جي ٽائيم لائين ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 15 آگسٽ کان اڳ افغان نيشنل آرمي سان واسطو رکندڙ ڪيترائي فوجي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا پاڪستان ۾ محفوظ رستي جي ڳولا ۾ داخل ٿيا ڇو جو هو ڊنل هئا ته سندن پوسٽن تي طالبان حملو ڪري سگھن ٿا. ڊي آءِ ايس پي آر موجب کين قبول ڪيو ويو ۽ فوجي اصولن تحفوظ رستو ڏنو ويو.. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج اندازو لڳايو هو ته حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن ۽ عدم استحڪام جو امڪان آهي جنهن سبب ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوجين کي اهم سرحدي گزرگارهن تي منتقل ڪيو ويو هو. انخلا ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان مان پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ ٻِين سڀ کان وڏي جاءِ پاڪستان آهي. هن چيو ته هن وقت تائين 113 اڏامون فوجي ۽ واپاري ٻئي افغانستان کان پاڪستان پهچي چڪي آهي، پاڪ افغان سرحد تي حالتون معمول تي آهن ۽ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو. هن چيو ته ڀارت افغان قيادت فوج ۽ انٽيليجنس جي ذهنن کي خراب ڪيو، ڀارت جو افغانستان ۾ ڪردار ناڪاري رهيو آهي، پاڪستان کي نقصان ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايس را جي مدد ڪئي. داسو، لاهور ۽ ڪوئيٽا جا واقعا اين ڊي ايس ۽ را جي ڳٺجوڙ جي ڪري ٿيا. ڊي جي آئي ايس پي آر چيو ته اسان افغانستان ۾ حڪومت جي جوڙجڪ جو انتظار ڪنداسين ڀارت جو اثر خطي ۽ افغانستان مان ختم ٿيندو. ڀارت افغانستان ۾ جيڪا به سيڙپڪاري ڪئي اها پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪئي. اسان گذريل افغان حڪومت سان به تحريڪ طالبان پاڪستان جو معاملو اٿاريندا رهياسين تحريڪ طالبان پاڪستان پاڪستان جي خلاف افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي رهي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت ٺهڻ تي حڪومتج ي سطح تي رابطو ٿيندو افغانستان ۾ حالتون ڪهڙِ قسم جون هونديون ان تي قياس آرائيون ٿي رهيون آهن اميد ڪيون ٿا ته افغانستان ۾ حالتون جلد معمول تي اچي وينديون هن چيو ته هن دفعي يوم دفاع پوري قوم سان گڏجي ملهائينداسين هن ڀيري يوم دفاع جو عنوان وطن جي مٽي گواه رهجان آهي، يوم دفاع جي تقريب ڪرونا ايس او پيز سان ٿيندي. اسان کي پنهنجي علائقن ۾ شهيدن جي گهر وڃڻو آهي کين سلام ڪرڻو آهي اسان جي شهيدن ملڪ لاءِ جيڪا قرباني ڏني آهي ان جو شڪريو ادا ڪرڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *