عمران خان جو عالمي برادري کان افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي مدد ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي روشن پنهنجو گهر جهڙي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ شامل ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪري سگهون ٿا ۽ هي اسڪيم گيم چينر آهي مان اوورسيز پاڪستانين کي ترقي ڪندي ڏٺو آهي اورسيز پاڪستاني اسان جو سڀ کان وڏو اثاڻو آهن بدقسمتي سان اسان اثاثي مان فائدو نه ورتو سيڙپڪاري ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪاوٽ ڪرپشن آهي. سسٽم کي بهتر ڪري سيڙپڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. روشن اپناگهر پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان خاص طور تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو هن چيو ته اسان بدقسمتي سان پاڪستان جي ٻين اثاثن وانگر ملڪ کان ٻاهر پاڪستانين کي ايئن استعمال ناهي ڪيو جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي ها سڀ کان گهٽ ان مان فائدو ورتو صرف ناڻي روانگي ٿئي ٿي. اها کين پنهنجي خاندان لاءِ به ڪرڻي هوندي آهي هن ڇيو ته اسان جي دور ۾ رڪارڊ ناڻي روانگي ٿي پر هي صرف هڪ قطرو آهي اصل ۾ هڪ اندازي مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي جي برابر 90 لک پاڪستانين وٽ ٻاهر پئسو آهي، اسان جي پوري ڪوشش هئي ته ڪيئن ان کي آڻي سگهون ٿا وزيراعظم چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته سيڙپڪاري ٿيندي. ٽيڪنڪل اسڪلز ۽ وڏي صلاحيت رکندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ واپس آڻڻو هو پر بدقسمتي سان اسان اهو ماحول نه ڏئي سگهياسين جو اهي واپس اچي هتي ڪم ڪري سگهن پر اسان ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون هنچيو ته سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ ڪرپشن آهي ۽ جيڪي ماڻهو ٻاهر ڪرپشن فري ماحول ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي آهن اهي ڪرپت ماحول ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن ان لاءِ اسان آساني فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃن ٿا انهن جي سدائين ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان ۾ گهر ٺاهيو وڃي ان لاءِ انهن آڏو وڏا مسئلا آهن ۽ سڀ کان وڏو مسئلو هتي قبضا گروپ ويٺا اهن عمران خان چيو ته مون کي وڏن ماڻهن چيو ته اسان محنت ڪري هڪ پلاٽ ورتو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ خبر پئي ته قبضو ٿي ويو. پوءِ عدالتن ۾ ويند رهياسين ۽ آخر ان سان گهٽ اگهه تي معاملو ختم ڪري ڇڏيون ٿا. ۽ ڪيترائي ڀيرا انهي تي ڪيس ٿي وڃي ٿو. يعني ان جي پلاٽ تي به قبضو ٿي ويو ۽ ڪيس به ان جي خلاف ٿي ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ قبضا گروپ آهي ۽ ان تي اسان هن وقت جهاد ڪري رهيا آهيون منهنجي سڄي حڪومت صوبن ۾جتي اسان جي حڪومت آهي اتي قبضا گروپ جي خلاف پورو زور لڳائي رهيا آهيون ڇو ته هي صوبائي معاملو آهي، هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اهو منصبو آهي جو ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي پتو پئجي ويندو ته ان جي ضمانت بئنڪ ڏئي رهي آهي ۽ معلوم ٿيندو ته هي جيڪو پلاٽ وٺي رهيو آهيان ان جي پويان ضمانت آهي. ۽ منهنجي لاءِ ڪوئي خدشو نه آهي هنچيو ته هي منصوبو منهنجي خيال ۾ هڪ گيم چينجر آهي جنهن سان اسان پاڪستان لاءِ گهڻو پئسو آڻي سگهون ٿا ڇو ته پاڪستانکي ڊالرز جي سخت ضرورت آهي وزيراعطم چيو تهجيستائين اسان جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جو خال ڀرڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۽ روشن اپنا گهر جهڙي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن هن چيو ته اسان جي هي اسڪيم هلي پئي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جلد ختم ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري کان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته طالبان سڀني کي عام معافي ڏئي چڪا آهن ۽ انساني حقن جي پاسداري جي خاطري به ڪرائي چڪا آهن. عمران خان چيو ته طالبان جي اعلان کانپوءِ هاڻي اهو چوڻ جو ڪهڙو جواز آ ته هو پنهنجي لفظن تي قائم رهندا يا نه؟ جڏهن قائم نه رهيا ته ان وقت ڏٺو ويندو، هاڻي ته  دنيا کي افغانستان ۾ امن جي لاءِ انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هلندڙ مهيني افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ طالبان جي قبضي کانپوءِ جتي روس ۽ چين طرفان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو اتي ئي پاڪستان اختيارين موقف اختيار ڪيو ته عالمي سطح تي رد عمل ڏسڻ کانپوءِ طالبان جي حڪومت کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *