ڪارگل جنگ کان نواز شريف آگاهه نه هو، پاڪستان کي وڏو نقصان پهتو: مشاهد حسين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير مشاهد حسين چيو آهي ته نواز شريف کي ڪارگل جنگ بابت آگاهه نه ڪيو ويو هو، جنگ جي ذميواري ڪنهن تي به لاڳو نه ڪئي ويندي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي مشاهد حسين سيد چيو ته وزيراعظم طور ميان صاحب کي ڪارگل بابت پهرين بريفنگ 17 مئي 1999ع تي ڊي جي ايم او طرفان ڏني وئي پر ڀارت مان آواز اچڻ شروع ٿي ويا ته ڪجهه ٿي رهيو آهي.  هن چيو ته ڪارگل کان ڪجهه مهينا اڳ فيبروري 1999ع ۾ ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي لاهور جو دورو ڪيو ته تنهن وقت نواز شريف کي خبر نه هئي ته پاڪستان جي فوج والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن جنگ ڪارروائي جو منصوبو بڻائي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته اٽل بهاري جي دوري وقت ٻنهي ملڪن ۾ ماحول سٺو هو، ڀارتي وزيراعظم کي ٽنهي فوجي سربراهن سليوٽ به ڪيو. مشاهد حسين چيو ته اسان کي پاڪستاني فوج جي ڪارگل ۾ موجودگي جو اطلاع عالمي ميڊيا کي بريفنگ کان ڪجهه دير اڳ ڏنو ويو، حڪومتي حلقن کي ڪارگل بابت حقيقت جو پتو لڳڻ تي شديد ڌچڪو لڳو، هڪ طرف اسان انڊين وزيراعظم جي آجيان ڪري رهيا هئاسين ته ٻئي طرف جنگ ٿي رهي هئي.  هن چيو ته نظام ۾ هڪ ورهاڱو شروع ٿي ويو ته ايڏي وڏي شيءَ اسان ڪيئن ڪئي، نواز شريف ڪارگل کانپوءِ حيرانگي ۽ مايوسي جي ڪيفيت ۾ ڇو ته ڀارتي وزيراعظم اسان وٽ پاڻ هلي  پهتو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف سمجهي پيو ته پاڪستان هڪ اهڙي بحران ۾ ڦاسي ويو آهي جنهن جي نتيجن کي اسان ڪنٽرول نه ٿا ڪري سگهون. مشاهد حسين سيد چيو ته ڪارگل جنگ دوران پاڪستان طرفان ائٽمي حملن تي غور جي ڳالهه درست ناهي.  مشاهد حسين چيو ته جولاءِ 1999ع ۾ نواز شريف آمريڪا وڃڻ کان اڳ پنهنجي ڪابينا سان ڪو به مشورو نه ڪيو، غير مشروط جنگ بندي ۽ فوج گهرائڻ جي ٺاهه سبب فوجي حلقن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي ڪارگل جنگ ۾ وڏو نقصان پهتو، ڪشمير جو معاملو دهشتگردي سان ڳنڍجي ويو جڏهن ته ڀارت طرفان آمريڪا جو جهڪاءُ به ڪارگل کانپوءِ شروع ٿيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *