وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪامياب ملاقات پاڪستان جي ڪاميابي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڪامياب ملاقات پاڪستان جي ڪاميابي آهي فردوس عاشق اعواڻ ويراعظم عمران خان جي آمريڪيا جي دوري دوران ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي حوالي سان ٽيوٽر تي ردعمل ڏيندي چيو ته قوم کي پنهنجي رهبر تي ناز آهي جنهن باوقار نموني سان بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملاقات ۾ ڪشمير تي ڳالهه ٻولهه سان خطي جي بنيادي مسئلي جي حل کي اٿاريو ويو پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي آڇ جي آجيان ڪري ٿو هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغان مسئلي تي وزيراعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته ترمپ اسان جي وزيراعظم کي مقبول اڳواڻ قرار ڏنو ۽ عمران خان تي دنيا جي وڌندڙ اعتماد جو اظهار ۽ ان جي اڳواڻي وارين صلاحيتن جو اعتراف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *