جج ارشد ملڪ جي وڊيو بابت رپورٽ طلب، هاءِ ڪورٽ ئي نواز شريف کي رليف ڏئي سگهي ٿي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جج ارشد ملڪ جي مبينه وڊيو ڪيس ۾ ايف آءِ اي ٽن هفتن ۾ انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي جاچ رپورٽ ڏسي فيصلو ڪنداسين ڪجهه ماڻهو ته چاهيندا هوندا ته اسان اونداهي ۾ ٽپو ڏيون اسان اونداهي ۾ ٽپو نه لڳائينداسين جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سيد کوسه چيو ته ڪوئي ڪميشن احتساب عدالت جو فيصلو ختم نٿو ڪري سگهي ثبوتن جو جائزو وٺي هاءِ ڪورٽ ئي نوازشريف کي رليف ڏيئي سگهي ٿي ڇا جج جو سزا ڏيڻ کان پوءِ مجرم جي گهر وڃڻ ٺيڪ آهي ڇا جج جي مائٽن ۽ دوستن سان گهر ۽ حرم شريف ۾ ملڻ ٺيڪ آهي ڳڻتي نه ڪريو جج جي چال چلت تي پاڻ فيصلو ڪنداسين ڪنهن جي چوڻ تي ايڪشن نه وٺنداسين وزيراعطم به چيو ته عدليه پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪجهه ڪرڻو پيو ته ڏسي ۽ سوچي سمجهي ڪنداسين اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينه وڊيو ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ڪئي جسٽس عمر عطا بنيال ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ به بئنچ جو حصو هئا ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس اٽارني جنرل انور منصور خان سان گفتو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان موجود نه هئا اسان درخواست گذار وڪيلن جا دليل ٻڌا وڪيلن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون وڪيلن جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جون تجويزون ڏنيون اٽارني جنرل چيو ته درخواستن ۾ جج ارشد ملڪ جي خلاف ڪارروائي جي به اپيل ڪئي ويئي آهي جج ارشد ملڪ حلفي بيان به جمع ڪرائي چڪو آهي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته جج ارشد ملڪ ايف آءِ اي کي شڪايت به داخل ڪرائي چڪو آهي جج ارشد ملڪ ايف آءِ اي کي اليڪٽرانڪ ڪرائيم ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي اٽارني جنرل چيو ته 16 جولاءِ تي جج ارشد ملڪ پاران ايف آءِ آر به داخل ڪرائي ويئي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم تهت ڪيس داخل ڪرائي چڪي آهي اٽارني جنرل چيو ته سائبر ڪرائيم جي سزا 3 سال ٽيپ ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ آهي هن چيو ته فحش وڊيو يا تصوير ٺاهڻ جي سزا پنج سال جيل ۽ 6 لک رپيا ڏنڊ آهي ڪنهن کي نقصان پهچائڻلا3 وڊيو يا تصوير ٺاهي ڦهلائڻ جي سزا 3 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ آهي هن چيو ته اليڪترانڪ جعلسازي تي 3 سال قيد ۽ اڍائي لک ڏنڊ آهي ايف آءِ اي جوابدار طارق محمود کي هن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي هن چيو ته ايف آءِ اي طارق محمود جو ريمانڊ وٺي جيل موڪلي ڇڏيو آهي ميان طارق محمود مطابق ان کي چيڪ ڏنو ويو جيڪو ڪيش نه ٿيا هن چيو ته ميان سليم رضا نالي شخص کي طارق محمود وڊيو وڪرو ڪري ڏني جاچ ٿي رهي آهي ايف آءِ اي جوابدارن تائين پهچي رهي آهي جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته هن معاملي ۾ ڪيترا وڊيوز حاصل ڪيا ويا آهن هڪ وڊيوز جي ڪاپي يو ايس بي ۾ حاصل ڪئي ويئي هن وڊيو ۾ ڇا آهي اان نٿا ڄاڻون هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪائي ليبارٽري مستند فورنزڪ نٿي ڪري سگهي چيف جسٽس چيو ته جيڪا وڊيو حاصل ڪئي ويئي اها ڪاپي آهي اصل نه آهي اٽارني جنرل چيو ته جيڪا وڊيو هٿ آئي اها اصل جي ڪاپي آهي هن چيو ته 2000 کان 2003 دوران وڊيو ٺاهي ويئي چيف جسٽس چيو ته جج اهڙي حرڪت ڪئي تڏهن ئي وڊيو ٺاهي ويئي جج طور ارشد ملڪ کي اهڙِ حرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها هن چيو ته جج مريم نواز پاران جاري وڊيو جي ڪجهه حصن جي ترديد ڪئي آهي هن چيو ته عدالت معاملو ٻڌي سگهي ٿي پر ٻيا فورم موجود آهن هن چيو ته جج قانون فورم سان رابطو ڪري ورتو آهي چيف جسٽس چيو ته نيب قانون جي سيڪشن 16 بي تحت سزا جو اختيار رڳو عدالت کي آهي نيب قانون جي سيڪشن 16 بي تحت قانوني رستو اختيار ناهي ڪيو ويو چيف جسٽس چيو ته سڄي معاملي تي توهين عدالت جي ڪارروائي به ته ڪري سگهجي ٿي توهين عدالت جي ڪارروائي نيب جو چيئرمين به ڪري سگهي ٿو جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته سپريم ڪورٽ ٻنهي ڌرين جي الزامن جو سچ ڄاڻڻ گهري ٿي اٽارني جنرل چيو ته پيمرا قانون ٽي وي چينل تي لاڳو ٿئي ٿو جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته عدالت کي سمورن الزامن جي سزائي جو جائزو وٺڻو آهي اسان عدالت جي تقدس کي قائم رکندي ڪم ڪرڻو آهي اٽارني جنرل چيو ته حڪومت پاڻ به چاهي ته ڪميشن ٺاهي سگهي ٿي اڄ مان حڪومت جي نمائندگي نه پر عدالت جي معاونت ڪري رهيو آهيان چيف جسٽس چيو ته هڪ آپشن اهو به آهي ته اسان سموريون درخاوستون خارج ڪري ڇڏيون چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آخري پشن اهو آهي عدالت ان جي جاچ ڪرائي چيف جسٽس چيو ته پهريون آپشن اوهان ايف آءِ اي جوڏنو ٻيو نيب قانون جو چيف جسٽس چيو ته ٽيون آپشن تعزيرات پاڪستان ۽ چوٿون پيمرا قانون جو چيف جسٽس چيو ته پنجون آپشن حڪومتي ڪميشن ۽ ڇهون آپشن جڊيشل ڪميشن جو چيف جسٽس چيو ته جڊيشل ڪميشن رڳو راءِ ڏيئي سگهي ٿو فيصلو نٿو ڏيئي سگهي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته نوازشريف کي رليف هاءِ ڪورٽ ئي ڏيئي سگهي ٿي هن چيو ته جج هڪ ڪيس ۾ سزا ڏني ٻئي ۾ آزاد ڪيو هاءِ ڪورٽ نئين سر ٽرائيل لاءِ ڪيس موڪلي سگهي ٿي چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ ثبوتن جو جائزو وٺي پاڻ به فيصلو ڪري سگهي ٿي چيف جسٽس چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ کي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي ڇا مداخلت جو فائدو ٿيندو يا رڳو خبرون ٺهنديون. چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اڃا تائين ڪنهن ڌر درخواست ناهي ڏني. چيف جسٽس چيو ته اسان مختلف آپشن تي غور ڪري رهيا آهيون اسان جاچ رپورٽ ڏسي فيصلو ڪنداسين جنهن کان پوءِ ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *