کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان پاڪستان لاءِ صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي قرار

ڪراچي (اين اين آءِ) سڄي دنيا ۾ بک ۽ بدحالي جي شڪار ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان 11 نمبر تي اچي ويو آهي انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران بک جي شڪار ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ پاڪستان 11 نمبر تي آهي جڏهن ته اها صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ بهتر آهي رپورٽ ۾ 118 ملڪن جي لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ پاڪستان جو نمبر 107 ٻڌايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي اداري پاران گلوبل هنگر انڊيڪس 2016 ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن کي خوراڪ جي دستيابي جي صورتحال بابت انهن کي زيرو کان 100 پوائنٽس ۾ ورهايو ويو آهي پاڪستان 118 ملڪن مان 11 نمبر تي آهي ۽ انهن جون 33.4 پوائنٽون آهن پاڪستان مان صرف 11 ملڪ اهڙا آهن جتي بک ۽ بدحالي جي ماڻهن جو تناسب وڌيڪ آهي رپورٽ ۾ خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان پاڪستان جو اسڪور 33.4 آهي جيڪو 2008 ۾ 35.1 هو. جڏهن ته پاڪستان کي اڃا به پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي نسبت ان صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي موثر قدمن جي ضرورت آهي ڇو ته ڀارت ۽ بنگلاديش جو اسڪور 28.5 ۽ 27.1 آهي جڏهن ته افغانستان جي صورتحال پاڪستان کان به خراب آهي ان جو اسڪور 34.8 آهي ڀارت جي صورتحال هن رپورٽ ۾ پاڪستان کان بهتر آهي جنهن جو ان لسٽ ۾ 22هون نمبر آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي ڪل 70 ڪروڙ 95 لک ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن 2008 ۾ پاڪستان جون پوائنٽون 35 تي هيون جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڻي بک ۽ بدحالي ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي. پر ان لسٽ مان خبر پوي ٿي ته اڃا به کاڌ خوراڪ جي شڪار ملڪن ۾ پاڪستان ڳڻتي واري صورتحال مان گذري رهيو آهي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪل آبادي جو 22 سيڪڙو حصو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي ۽ 8.1 سيڪڙو ٻارڙ 5 سالن کان گهٽ عمر ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *