آرمي چيف 10 دهشتگردن جي موت جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف 10 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگرد شاهد، حسين، ظفر اقبال، انور زيب سميت 10 دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏني آهي. دهشتگرد معصوم شهرين، عورتن ۽ پوليو ورڪرن جي قتل ۾ ملوث آهن، جڏهن ته جوابدار پوليس آفيشلز، هٿياربند فوج جي اهلڪارن جي قتل ۾ به ملوث هئا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ هئا، موت جي سزا ملي دهشتگردن ۾ جوابدار شاهد، ٻن عورت ورڪرن، 11 اين جي اوز ورڪرن جي قتل ۾ ملوث هو. دهشتگرد حسين ميجر مصطفيٰ ۽ ڪيپٽن وسيم جي قتل ۾ ملوث هو. مٿس ٻين به ڪيترن ئي سيڪيورٽي اهلڪارن جي قتل جا ڪيس هئا.  دهشتگرد ظفر اقبا ايف سي اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهي، جڏهن ته دهشتگرد انور زيب پوليس جي سب انسپيڪٽر عمر جو ڳلو ڪپيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *