سنڌ حڪومت جو ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  آهي ته ڪچي آبادين کي شهرن جي دائري ۾ آڻيندي سموري صوبي ۾ قائم هڪ سئو ڪچي آبادين کي بنيادي سهولتون بشمول روڊ انفرااسٽريڪچر فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن جو معيار زندگي به بلند ٿي سگهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيرعليٰ هائوس ۾ ڪچي آبادين جي مسئلن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير جو ڪچي آبادي وارو خاص معاون مرتضيٰ بلوچ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ، سيڪريٽري سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز (ايس ڪي اي اي) ڊاڪٽر نواز شيخ، ڊائريڪٽر جنرل ڪچي آبادي اختر بگٽي سميت ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي پريزينٽيشن ڏيندي ڊاڪٽر نواز شيخ چيو ته صوبي ۾ 25944 ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل 1409 ڪچيون آباديون آهن، جن مان 948 نوٽيفائيڊ آهن ۽ 344 بنانوٽيفائيڊ آهن، انهن مان 117 وفاقي حڪومت جي زمين تي قائم آهن، جن مان رڳو 30 ڪچي آبادين کي نوٽيفائيڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڃا تائين 80 ڪچي آبادين جي زمين جي ميوٽيشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڃا تائين 227 ڪچي آبادين جي جوائن ڊمانڊٽريشن ڪئي وئي آهي. وفاقي زمين تي قائم 129 ڪچي آبادين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته 80 ڪچي آباديون ريلوي جي زمين، 10 ڊفينس، 10 پاڪ پي ڊبليو ڊي، 8 ڪي ايل ٽي پي، 29 اي ٽي پي بي، هڪ ٽي اينڊ ٽي ۽ ٻيون واپڊا جي زمين تي آهن. هن چيو ته 82 ڪچي آباديون مختلف صوبائي کاتن جي زمين تي قائم آهن، جن مان 29 ڪي ايم سي، 8 سائيٽ، هڪ جيل جي زمين، 18 ايريگيشن جي زمين، 4 اوقاف جي زمين، 2 خوارڪ کاتي جي زمين، 18 لوڪل ڪائونسل جي زمين ۽ هڪ ورڪس اينڊ سروسز جي زمين تي قائم آهن. وڏي وزير جي هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ ڪچي آبادي ۽ اٿارٽيز جي سيڪريٽريءَ چيو ته ڪراچي ۾ 564 ڪچي آباديون آهن، جنهن مان 56 ڏکين علائقن جهڙوڪ ندي نالن تي واقع آهن. ڊاڪٽر نواز شيخ حيدرآباد ڊويزن جي 417 ڪچي آبادين جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ 203، دادو ۾ 28، بدين ۾ 45، ٺٽي ۾ 46، ٽنڊي الهيار ۾ 15، ٽنڊي محمد خان ۾ 9، مٽياري ۾ 20، ڄامشوري ۾ 21 ۽ سجاول ۾ 30 ڪچي آباديون آهن. 417 مان رڳو 200 ڪچي آباديون نوٽيفاءِ آهن ۽ 217 اڃا نوٽيفاءِ نه آهن جڏهن ته 117 ڪچي آبادين جا ڪيس ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ 81 ڪچي آباديون قائم آهن، جن مان 17 ٿرپارڪر ۾، 23 عمرڪوٽ ۾ آهن. 81 ڪچي آبادين مان 47 ريگيولرائيڊ آهن، 30 ريگيولرائيزيشن واري عمل ۾ آهن ۽ 34 اڃا نوٽيفائيڊ نه آهن. سکر ۾ 91 ڪچي آباديون آهن جنهن مان 22 گهوٽڪي، 18 خيرپور ۾ آهن. انهن مان 60 نوٽيفاءِ آهن، 43 ريگولر ٿي ويون آهن ۽ 31 اڃا ريگيولر نه آهن. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 112 ڪچي آباديون آهن، جن مان 18 قمبر-شهدادڪوٽ، 14 شڪارپور، 29 جيڪب آباد ۽ 17 ڪشمور ۾ آهن. 112 ڪچي آبادين مان 69 نوٽيفائيڊ آهن جڏهن ته 38 پروسس واري مرحلي ۾ آهن ۽ 43 اڃا نوٽيفاءِ ناهن ٿيون. اهڙي طرح شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 144 ڪچي آباديون آهن، جن مان سانگهڙ ۾ 60، نوشهرو فيروز ۾ 31 ۽ نوابشاهه ۾ 53 آهن. انهن مان رڳو 90 ڪچي آباديون نوٽريفائيڊ آهن، 60 پروسس جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 54 کي نوٽيفاءِ ناهن ڪيون ويون. ڪچي آبادي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر نواز شيخ چيو ته ڪچي آبادين کي ريگيولرائيزيشن ڪرڻ جو معيار اهڙي طرح آهي ته آبادي 23 مارچ 1985ع کان اڳ جي هئڻ گهرجي ۽ آبادي گهٽ ۾ گهٽ 40 يونٽن تي ٻڌل هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪچي آبادي واري سيڪريٽريءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته سوسائٽيون ريگولرائيزيشن لاءِ انڪري نه اينديون آهن ته انهن جي وفاقي يا ڪي ايم سي جي زمين تي سيٽلمينٽ وارا مسئلا هوندا آهن ۽ انهن جا وڌيڪ قبضا سنڌ حڪومت جي زمين تي واقع آهن، جن جي اڃا تائين حدبندي ناهي ٿي. وڏي وزير فيصلو ڪندي چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو سينئر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ ڪچي آبادي واري سيڪٽري ڊاڪٽر نواز شيخ ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري بقاءُ الله انڙ ان جا ميمبر هوندا. ڪميٽي ٽيهن ڏينهن اندر ڊيمارڪيشن وارن ڪيسن جو جائزو وٺندي ۽ ان جي حتمي رپورٽ به پيش ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاليسي فيصلو وٺندي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز کي هدايت ڪئي ته هُو سمورن ڊويزنن ۾ واقع 100 ڪچي آبادين کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي جنهن ۾ انهن کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ روڊ اسٽريڪچر فراهم ڪيو وڃي. ڪچي آباديون جن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون ان جي معيار جي وضاحت ڪندي هن چيو ته انهن جون واضح حدبنديون هئڻ گهرجن ۽ هر قسم جي مقدمي بازيءَ کان ڪليئر هئڻ گهرجي. هن چيو ته هُو انهن کي بهترين سهولتون فراهم ڪري انهن جي معياري زندگي ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو. وڏي وزير هڪ ٻيو فيصلو ڪندي ايم پي اي مرتصيٰ بلوچ کي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽيز جي گورننگ باڊي ۾ ايم پي اي ارم خالد جي جاءِ تي ميمبر پڻ مقرر ڪيو. هن سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو رضوان ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هُو سرڪاري زمين جي سٺي ريت سنڀال ڪري. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته سرڪاري زمينن تي نئين آبادين کي حدددخلي سمجهيو ويندو ۽ لاڳاپيل ايس ايڇ او ان جو ذميوار هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *