ڏھ سال گذرڻ باوجود عوام محترما جي شهادت کي ناهي وساريو: مراد علي شاهه

سکر(بيورو)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ايس پي الزام هڻڻ وارو ڌنڌو ڇڏي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ڪا ايجنڊا جوڙي، پي ايس ايل جي فائنل لاءِ حفاظتي قدمن جي ڪا ڳڻني ڪونهي ۽ ڪانٽريڪٽي استادن جو مدو وڌايو آهي، سندن امتحان وٺي پوءِ کين پڪو ڪبو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر سيد جاويد شاهه جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد مراد علي شاھ چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جمهوري نظام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، 10 سال گذرڻ باوجود عوام محترما جي شهادت کي ناهي وساريو ۽ نه ئي قبول ڪيو آهي ۽ واقعو ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اڄ ئي ٿيو هجي. هن چيو ته پاڪ سرزمين پارٽي الزام تراشي ڇڏي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ايجنڊا حاصل ڪري ڏيکاري، ان کانپوءِ ڪنهن جي خلاف ڳالهائي، تنهن هوندي به سياست ۾ سڀني کي ڳالهائڻ جو حق آهي ۽ آئين سڀني کي اجازت ڏئي ٿو. هن چيو ته هر اليڪشن کان اڳ پارٽين جو اتحاد ٺهندو آهي، گذريل اليڪشن ۾ به 10 جماعتي اتحاد ٺهيو هو جيڪو به پيپلزپارٽي کي ڪجهه نه ڪري سگهيو، اهي جماعتون اليڪشن جي وقت ئي نظر اينديون آهن پر سنڌ جي عوام هميشه پ پ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي. سيد مراد علي شاھ چيو ته پي ايس ايل ميچون ڪراچيءَ ۾ ڪرائڻ لاءِ گذريل سال به چيو هو پر ان وقت شايد ممڪن نه هو، پي ايس ايل جي سيڪيورٽي جي حوالي سان بلڪل پريشان نه آهيون، ڇو ته اڌ کان وڌيڪ ڪرڪيٽر پاڪستاني ئي هوندا، پي ايس ايل لاءِ پريشاني نه آهي، وڌ کان وڌ 50 کان 100 پرڏيهي هوندا. ٿريٽ تمام گهڻا آهن، سيڪيورٽي جي حوالي سان بلڪل تيار آهيون. هن چيو ته اين ٽي ايس پاس استادن تي لاٺي چارج بلڪل غلط ٿيو، اهي استاد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا هئا، سندن ڪانٽريڪٽ وڌايو ويو آهي، جلد کانئن امتحان وٺي پوءِ جيڪو به قانوني طريقو هوندو اهو اختيار ڪيو ويندو. ن چيو ته سڀني تنظيمن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته استادن کي پورو پورو حق ڏنو وڃي، استادن کي به گهرجي ته ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏين، باقي سندن جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *