اليڪشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو مقابلو ٻن لاڏلن سان هوندو: اعتزاز احسن

نئون ديرو(رپورٽر) اعتزاز احسن چيو ته ملڪ ۾ ڊرامو لڳايو ويو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪو پارٽيءَ جو صدر آهي ان پارٽي جو صدر هجڻ جي ناتي ان جي ماتحت 2 صدر، هڪ آزاد ڪشمير ۽ ٻيو پاڪستان جو صدر ممنون حسين آهن، جيڪو اڳ ئي ممنون آهي، ٻه وزيراعظم هڪ وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ وزيراعظم پاڪستان، پنج گورنر پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير ان جا آهن ۽ ٻيا وفاقي توڙي صوبائي وزير به ان جا آهن پر ان باوجود هو چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ان کي اقاما جي ڪري ڪڍيو ويو، جيڪو سنگين ڏوهه آهي. ڪنهن وزيراعظم يا پرڏيهي وزير خلاف اقامو نڪري ته هو وزيراعظم يا وزير ڪيئن ٿو رهي سگهي ۽ پرڏيهي ڪمپني جو ملازم ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڪڏهن اوهان سوچيو ته وزيراعظم برطانيا جي ڪوهه نور ٽيڪسٽائل جو ملازم هجي جيڪڏهن مودي وزيراعظم هندوستان جو هجي. هن چيو ته حديبا جو ڪيس عدالت ۾ ان بنياد تي خارج ڪيو ويو ته هو مدي خارج ٿي ويو آهي، فوجداري ڪيس ڪڏهن به مدي خارج نه ٿو ٿي سگهي، قتل جو ڏوهاري جيڪڏهن قتل ڪري ٿو اهو ڀلي ڪيترائي سال اڳ قتل ڪري پر اهو ڏوهاري تصور ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته آف شور ڪمپنيون نواز شريف جون آهن پر ان باوجود هو عدالتن جي خلاف واويلا مچائي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ نواز شريف عمران کي ۽ عمران نواز شريف کي لاڏلو چئي رهيا آهن، اسان مطابق ٻئي لاڏلا آهن. هن چيو ته نواز شريف مٿان هر وقت نرم رويو اختيار ڪيو آهي. اڄ اسان کي سوچڻو آهي ته اليڪشن اچڻ واري آهي، اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته تڪبدين بابت اسان جا جيڪي خدشا هئا جڏهن انهن کي ختم ڪيو ويو ته بعد ۾ اسان ان بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو ته جيئن اليڪشن وقت تي ٿي سگهن. هن چيو ته اليڪشن ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو مقابلو ٻن لاڏلن سان هوندو، ڇا اوهان لاڏلن کي ووٽ ڏيندئو؟ يا بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ ڏيندئو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *