بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي حقن لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوريت جي بهالي آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ عوام جي حقن لاءِ بيمثال جدوجهد ڪئي اربع تي جاري ڪيل پيغام ۾ مملڪتي وزير چيو ته آئين کان پوءِ ميساڪ جمهوريت جي تاريخي دستاويز محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ محمد نوازشريف جي گڏيل ڪوششن جو ثمر اهي پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري تاريخ ۾ ان جو نالو هميشه زنده رهندو ان ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حق حڪمراني لاءِ پنهنجي آخري گهڙي تائين جدوجهد ڪئي ان جي شهادت سان پاڪستان جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *