ڏکئي وقت ۾ پاڙيسري ملڪ سان گڏ آهيون: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف ڀارتي هم منصب نريندر مودي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ زلزلي سان ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ذريعن مطابق وزيراعظم نوازشريف ڀارتي عوام سان ايڪي اتحاد جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ پاڙيسري ملڪ جي عوام سان گڏ آهيون ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم چيو ته نوازشريف اڻ مندائتي برساتن ۽ ان سان ٿيندڙ جاني نقصان کان علاوه فصلن کي ٿيندڙ نقصانن تي به ڳالهائيندي نيپال ۾ ڀارتي امدادي ڪارروائين کي ساراهيو نريندر مودي چيو ته هن وزيراعظم نوازشريف کي تجويز ڏني ته سارڪ ملڪ گڏجي آفت سٽيل ملڪن ۾ امدادي ڪارروائي ڪن ۽ خطي جي سمورن ملڪن کي گڏجي قدرتي آفتن کان بچڻ جون مشقون ڪرڻ گهرجن. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ نريندر مودي ٻڌايو ته پاڪستان جي وزيراعظم نيپال ۾ ڀارت پاران ڪيل ريسڪيو آپريشن جي تعريف ڪئي جنهن تي هن نوازشريف جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *