ٽمبر مارڪيٽ سانحي جي متاثرن سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽمبر مارڪيٽ باهه جي متاثر 220 ماڻهن ۾ 97.730 ملين رپيا خميس تي وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل هڪ تقريب دوران ورهايا. ٽمبر مارڪيٽ جي باهه جي متاثر تجارتي طبقي جي 151 متاثرن ۾ 86.084 ملين رپيا، جڏهن ته 69 رهائشي متاثرن ۾ 11.464 ملين رپيا رقم ورهائي وئي. هن تقريب ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، جاويد ناگوري، سنڌ جي وڏي وزير جا خاص معاون راشد حسين رباني، وقار مهدي، صديق ابو ڀائي، بزنس ڪميونٽي جو سربراهه سراج قاسم تيلي، صدر ايوان صدر تجارت ۽ ايوان افتخار وهرا، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام قادر ٿيٻو، ڪمشنر ڪراچي شعيب صديقي، سنڌ حڪومت جا ٻيا آفيسر، تاجر برادري جا نمائندا ۽ متاثر ماڻهن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن ٽمبر مارڪيٽ جي سانحي جي موقعي تي متاثرن سان ڪيل واعدو اڄ پورو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ايوانِ صنعت تجارت ڪراچي ٽمبر مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صلاح مشوري سان متاثر ماڻهن جي سروي ڪري ٽن مرحلن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ جلد نوعيت جي مالي سپورٽ، ملڪيتن ۽ تجارتي نقصان، دڪانن ۽ عمارتن کي پهچندڙ نقصان شامل هيو. هن وقت تائين ٻه مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اسان ڪميٽي جي سفارشن تي عملدآمد ڪيو آهي. وڏي وزير ڪميٽي کي دڪانن ۽ عمارتن کي پهچندڙ نقصان جو ٽئين مرحلي تحت سروي مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ۽ چيو ته اڳ وانگر سنڌ حڪومت هاڻي به ڪميِٽي جي سفارشن تي عمل ڪندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي خواهش آهي ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ تجارتي سرگرميون ٻيهر بحال ٿين. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ پ پ قيادت هميسه مختلف وقتن ۾ تاجر برادري جي مڪمل مدد ۽ تعاون ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بولٽن مارڪيٽ سانحي ۾ به 3 ارب رپيا مالي مدد ڪئي هئي. ان موقعي تي بزنس ڪميونتي جي سربراهه سراج قاسم تيلي خطاب ڪندي ٽمبر مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ ٻين سانحن ۾ حڪومت سنڌ پاران متاثر ماڻهن جي رليف ۽ بحالي وارين ڪاوشن جي ساراهه ڪندي چيو ته بولٽن مارڪيٽ واقعي جي متاثر 1751 ماڻهن جي مالي مدد ڪئي وئي ۽ هن وقت 200 کان وڌيڪ ٽمبر مارڪيٽ متاثرن کي سنڌ حڪومت پاران مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن تي اسان سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *